Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رُوت 4 - Sindhi Bible

1 هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو.

2 ۽ هن شهر جي بزرگن مان ڏهہ ڄڻا ڪوٺيا ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهي رهو، ۽ هو ويهي رهيا.

3 تڏهن هن انهيءَ ويجهي مائٽ کي چيو تہ نعومي، جا موآب جي ملڪ مان موٽي آئي آهي، سا زمين جو اُهو حصو وڪڻي ٿي، جو اسان جي ڀاءُ اليملڪ جو هو:

4 ۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس.

5 تڏهن بوعز چيو تہ جنهن ڏينهن تون اُها ٻني نعوميءَ جي هٿان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن توکي اُها روٿ موآبڻ کان بہ خريد ڪرڻ کپي، جا هن فوتيءَ جي زال آهي. انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم ڪرين.

6 ۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان.

7 هاڻي اڳين زماني ۾ اسرائيل ۾ ڪنهن شيءِ جي وري خريد ڪرڻ ۽ مٽاسٽا ڪرڻ جي نسبت، ۽ سڀني ڳالهين جي بحال رکڻ لاءِ اها رسم هوندي هئي؛ تہ اُهو ماڻهو پنهنجي جتي لاهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندو هو: ۽ اسرائيل ۾ تصديق ڪرڻ جو اهو دستور هوندو هو.

8 تڏهن هن ويجهي مائٽ بوعز کي چيو تہ تون اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ۽ هن پنهنجي جتي لاٿي.

9 ۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو.

10 تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.

11 ۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛

12 ڀلي تہ تنهنجو گهر فارص جي گهر جهڙو ٿئي، جو تمر يهوداہ کي ڄڻي ڏنو، ۽ انهيءَ جهڙو نسل ٿئي جو خداوند توکي هن جوان زال مان ڏئي.

13 انهيءَ طرح بوعز روٿ ورتي ۽ اُها سندس زال ٿي؛ ۽ هن ساڻس صحبت ڪئي، ۽ خداوند انهيءَ کي پيٽ سان ڪيو، ۽ انهيءَ پٽ ڄڻيو.

14 ۽ زالن نعوميءَ کي چيو تہ خداوند برڪت وارو آهي، جنهن اڄ توکي ويجهي مائٽ بنا ڇڏي نہ ڏنو، تنهنڪري ڀلي تہ انهيءَ جو نالو اسرائيل ۾ مشهور ٿئي.

15 ۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.

16 ۽ نعوميءَ ٻار کڻي پنهنجي گود ۾ رکيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي.

17 ۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.

18 هاڻي فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون؛

19 ۽ حصرون مان رام، ۽ رام مان عمينداب؛

20 ۽ عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو، ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو.

21 ۽ سلمون مان بوعز پيدا ٿيو، ۽ بوعز مان عوبيد پيدا ٿيو؛

22 ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو، ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan