رُوت 3 - Sindhi Bible1 ۽ سندس سس نعوميءَ چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، آءٌ تنهنجو سک نہ ڳوليان ڇا تہ تنهنجو ڀلو ٿئي؟ 2 هاڻي بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان تون هئينءَ، سو اسان جو مائٽ ناهي ڇا؟ ڏس اڄ رات هو ڳاهڻ واري پڙ ۾ جَوَ اُڏائي صاف ڪرڻ وارو آهي. 3 تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري. 4 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو وڃي ليٽي تڏهن تون اُها جاءِ جاچي ڇڏج جتي هو ليٽڻ وارو هجي، ۽ تون اندر گهڙي وڃج ۽ سندس پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پئج، پوءِ هو پاڻيهي توکي چوندو تہ توکي ڇا ڪرڻو آهي. 5 ۽ هن چيس تہ جيئن تون چوين ٿي تيئن آءٌ ڪنديس. 6 ۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين. 7 ۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي. 8 ۽ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو اُهو ماڻهو ڊنو، ۽ پنهنجو پاسو ورايائين: ۽ ڏسي تہ هڪڙي زال سندس پيرن وٽ ليٽي پيئي آهي. 9 ۽ هن چيو تہ تون ڪير آهين؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي روٿ آهيان؛ تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهيءَ جي مٿان پنهنجو دامن پکيڙي وجهہ؛ ڇالاءِ جو تون ويجهو مائٽ آهين. 10 ۽ هن چيو تہ منهنجي ڌيءَ، خداوند توکي برڪت وارو ڪري: تو منڍ کان پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ مهرباني ڏيکاري آهي، جو تون غريب توڙي شاهوڪار جوانن جي پٺيان نہ ويئينءَ. 11 ۽ هاڻي اي منهنجي ڌيءَ ڊڄ نہ؛ جيئن تون چوندينءَ تيئن آءٌ توسان ڪندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي سڄي لشڪر کي خبر آهي تہ تون نيڪ زال آهين. 12 هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي. 13 اڄوڪي رات رهہ، ۽ سڀاڻي صبح جو هيئن ٿيندو تہ جي انهيءَ توسان مائٽيءَ جو حق پوريءَ طرح ادا ڪرڻ گهريو، تہ ڀلي اُهو مائٽيءَ جو حق ادا ڪري: پر جي هن توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ نہ گهريو تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ آءٌ توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪندس: صبح تائين هتي ليٽي پيئي هج. 14 تڏهن هوءَ صبح تائين هن جي پيرن وٽ ليٽي پيئي: ۽ هو اهڙو سوير اُٿيو جو ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻي نہ سگهي، ڇالاءِ جو هن چيس تہ اها ڳالهہ ظاهر نہ ٿئي تہ ڪا زال ڳاهڻ واري پڙ تي آئي هئي. 15 ۽ هن چيس تہ اها جيڪا چادر تنهنجي مٿان آهي سا کڻي اچي جهل؛ ۽ هن اُها آڻي جهلي: ۽ هن جوَن جا ڇهہ ماڻ ڀري مٿس رکيا: پوءِ هو شهر ڏانهن هليو ويو. 16 ۽ جڏهن هوءَ پنهنجي سس وٽ آئي تڏهن هن چيس تہ منهنجي ڌيءَ، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ۽ هن جيڪي انهيءَ شخص ساڻس ڪيو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايائينس. 17 ۽ چيائينس تہ هي ڇهہ ماڻ جوَن جا بہ هن مون کي ڏنا؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ هٿين خالي پنهنجي سس وٽ نہ وڃ. 18 تڏهن هن چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ماٺ ڪري ويهہ جيستائين توکي خبر پوي تہ ڳالهہ ڪيئن ٿي بيهي: ڇالاءِ جو جيستائين اهو شخص اڄ اهو ڪم پورو نہ ڪندو تيستائين آرام نہ وٺندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society