رُوت 2 - Sindhi Bible1 ۽ نعوميءَ جي مڙس جو هڪڙو مائٽ، وڏو دولتمند شخص هو، ۽ اليملڪ جي قبيلي مان هو؛ ۽ انهيءَ جو نالو بوعز هو. 2 ۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ. 3 ۽ هوءَ ويئي ۽ ٻنيءَ ۾ لاباري وجهڻ وارن جي پٺيان سنگ چونڊڻ لڳي: ۽ اتفاق سان ٻنيءَ جي انهيءَ حصي ۾ هن جو اچڻ ٿيو جو بوعز جو هو، جو اليملڪ جي قبيلي مان هو. 4 ۽ ڏسو، بوعز بيت الحم مان آيو، ۽ لاباري وجهڻ وارن کي چيائين تہ خداوند شل اوهان سان هجي، ۽ هنن ورندي ڏني تہ خداوند شل توکي برڪت ڏي. 5 تڏهن بوعز انهن لاباري جي مٿان رکيل پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ هيءَ ڪنهن جي ڇوڪري آهي؟ 6 ۽ اُهو نوڪر جو لاباري وارن تي رکيل هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اها موآبڻ ڇوڪري آهي جا موآب جي ملڪ مان نعوميءَ سان گڏجي موٽي آئي آهي. 7 ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ مهرباني ڪري گڏن ۾ لاباري ڪندڙن جي پٺيان مون کي سنگ چونڊي گڏ ڪرڻ جي موڪل ڏيو: پوءِ هوءَ آئي ۽ صبح کان وٺي هن وقت تائين پئي ڪم ڪيو اٿس، رڳو ٿورو وقت سو گهر ۾ ترسي آهي. 8 تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج. 9 تون ٻنيءَ تي نظرداري پيئي ڪج تہ هو لابارو ڪن، ۽ تون انهن جي پٺيان وڃج، مون هنن جوان مردن کي تاڪيد نہ ڪئي آهي ڇا تہ توکي هٿ نہ لائين؟ ۽ جڏهن توکي اُڃ لڳي تڏهن هنن باسڻن وٽ وڃي، ۽ جيڪو پاڻي منهنجي جوانن ڀريو هجي سو پيئج. 10 تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟ 11 ۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ. 12 شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي. 13 تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان. 14 ۽ مانيءَ مهل بوعز چيس تہ هيڏانهن اچ ۽ ماني کاءُ، ۽ پنهنجو گرهہ سرڪي ۾ ٻوڙ. پوءِ هوءَ لاباري ڪرڻ وارن جي پاسي ۾ وڃي بيٺي: ۽ هنن ڦلا ڏنس، جي هن کاڌا ۽ پيٽ ڀريائين، ۽ ڪجهہ بچائي بہ رکيائين. 15 ۽ جڏهن هوءَ سنگ گڏ ڪرڻ لاءِ اُٿي تڏهن بوعز پنهنجن جوانن کي حڪم ڏيئي چيو تہ هن کي گڏن منجهان بہ اَن گڏ ڪرڻ ڏيو، ۽ ڪجهہ بہ نہ چئوس. 16 ۽ گڏن مان بہ ڪجهہ هن کي ڪيرائي ڇڏي ڏيو تہ انهن مان بہ اَن گڏ ڪري، ۽ اوهين ڪجهہ بہ نہ چئجوس. 17 انهيءَ طرح هن ٻنيءَ ۾ شام تائين اَن پئي گڏ ڪيو، ۽ جيڪي سنگ هن گڏ ڪيا هئا تن مان هن اَن سٽي ڪڍيو، جو جوَن جو اٽڪل هڪڙو ايفہ ٿيو. 18 ۽ اُهو هوءَ کڻي شهر ۾ ويئي: ۽ جيڪي هن گڏ ڪيو هو سو سندس سس ڏٺو: ۽ پيٽ ڀرڻ کان پوءِ جيڪي باقي بچايو هئائين سو بہ ڪڍي آڻي ڏنائينس. 19 ۽ سندس سس چيو تہ اڄ تو ڪٿي پئي سنگ گڏ ڪيا آهن؟ ۽ ڪٿي تو ڪم پئي ڪيو آهي؟ برڪت وارو هجي اُهو شخص جنهن تنهنجي خبر لڌي. ۽ هن پنهنجي سس کي ٻڌايو تہ اُهو ماڻهو ڪير هو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين؛ ۽ چيائينس تہ انهي ماڻهو جو نالو بوعز آهي. 20 ۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي. 21 ۽ روٿ موآبڻ چيو تہ هن مون کي چيو آهي تہ جيستائين منهنجا جوان ماڻهو منهنجو سڄو لاباري جو ڪم لاهين تيستائين تون انهن جي ويجهو رهج. 22 تڏهن نعوميءَ پنهنجي ننهن روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ائين چڱو آهي تہ تون هن جي نوڪرياڻين سان ويندي رهہ، ۽ هو توکي ڪنهن ٻيءَ ٻنيءَ ۾ نہ ڏسن. 23 انهيءَ طرح هوءَ بوعز جي نوڪرياڻين سان سنگ گڏ ڪندي رهي، جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي موسم پوري نہ ٿي. ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي هئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society