رومين 9 - Sindhi Bible1 آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري، 2 تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي. 3 ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان. 4 اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛ 5 ۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين. 6 پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن: 7 نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“ 8 مطلب تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار ناهن؛ پر جيڪي واعدي جا ٻار آهن، سي ئي نسل ٿا ليکجن. 9 ڇالاءِ جو واعدي جو ڪلام هي آهي تہ ”آئون هن وقت ڌاري موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“ 10 ۽ نہ رڳو ايترو؛ پر ربقہ بہ هڪڙي شخص مان، يعني اسان جي ابي اسحاق مان، حاملہ ٿي، 11 ۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي، 12 تڏهن اُنهي کي چيو ويو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ 13 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”يعقوب کي مون پيار ڪيو، پر عيسو کي ڌڪاريم.“ 14 تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! 15 ڇالاءِ جو هو موسيٰ کي چوي ٿو تہ ”جنهن تي رحم ڪرڻو اٿم، تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ترس ڪرڻو اٿم، تنهن تي ترس ڪندس.“ 16 تنهنڪري اهو نہ خواهش ڪندڙ تي منحصر آهي، نڪي ڊوڙ ڊڪ تي، پر خدا تي منحصر آهي، جو رحم ڪندڙ آهي. 17 ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“ 18 تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري. 19 تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟ 20 اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟ 21 يا ڪنڀار کي مٽيءَ تي اهو اختيار نہ آهي ڇا، تہ هڪڙي ئي پنوڙي مان هڪڙو ٿانءُ عزت جي لاءِ جوڙي، ۽ ٻيو ٿانءُ بي عزتيءَ جي لاءِ؟ 22 ڪهڙو عجب آهي جي خدا پنهنجو غضب ڏيکارڻ ۽ پنهنجي قدرت ظاهر ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي غضب جا ٿانوَ ڀڃي چٽ ڪرڻ جي لائق هئا، تن سان ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان پيش آيو: 23 ۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري، 24 يعني اسان تي، جن کي هن نہ فقط يهودين مان، پر غير قومن مان بہ سڏيو آهي. 25 جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“ 26 ”۽ ائين ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي ائين چيو ويو هو، تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هو جيئري خدا جا فرزند سڏبا.“ 27 ۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا. 28 ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي ڪلام کي زمين تي قطعي طور پورو ڪري، انهي موجب عمل ڪندو.“ 29 ۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“ 30 تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي. 31 پر اسرائيل، جو راستبازيءَ جي شريعت جي ڳولا ۾ هو، سو انهيءَ شريعت تائين ڪونہ پهتو. 32 سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛ 33 جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society