رومين 8 - Sindhi Bible1 تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي. 2 ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي. 3 هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني: 4 انهي لاءِ تہ اسين جي جسم موجب نہ پر روح موجب هلون ٿا، سي شريعت جو حق پورو ڪريون. 5 ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن. 6 هن ڪري جو جسماني نيت موت آهي، پر روحاني نيت زندگي ۽ سلامتي آهي. 7 ڇالاءِ تہ جسماني نيت خدا سان دشمني آهي؛ جو اُها نڪي خدا جي شريعت جي تابع آهي نڪي ٿي سگهي ٿي: 8 ۽ جيڪي جسماني آهن سي خدا کي خوش ڪري نٿا سگهن. 9 مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي. 10 ۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي. 11 جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو. 12 تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين قرضدار تہ آهيون، پر جسم جا نہ، جو جسم موجب حياتي گذاريون: 13 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين جسم موجب حياتي گذاريندا تہ ضرور مرندا؛ پر جي روح سان بدن جي ڪمن کي فنا ڪندا، تہ جيئرا رهندا. 14 هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن. 15 ڇالاءِ جو اوهان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو، جو اوهان کي وري ڊپ ٿئي؛ پر اوهان کي اُهو روح مليو آهي جنهن ڪري گود جا پٽ چوايو. سو جڏهن اسين ابا يعني اي پيءُ، ڪري ٿا سڏيون، 16 تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون: 17 ۽ جي ٻار آهيون، تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث، ۽ مسيح سان ورثي ۾ هم شريڪ آهيون؛ بشرطيڪ هن سان گڏ ڏک سهون، تہ انهي سان گڏ جلال بہ حاصل ڪريون. 18 ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي. 19 تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي، 20 ڇالاءِ جو مخلوقات فاني حالت جي تابع ڪئي ويئي، نہ پنهنجي مرضيءَ سان، پر انهي جي ڪري جنهن کيس انهيءَ اُميد تي تابع ڪيو؛ 21 ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي. 22 اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي، 23 ۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون. 24 ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟ 25 پر جي اسين انهي شيءِ جي اُميد رکون ٿا جا نٿا ڏسون، تہ پوءِ صبر سان اسين انهيءَ جي لاءِ منتظر ٿا رهون. 26 ۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري. 27 ۽ جيڪو دلين جي پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ روح جي نيت ڪهڙي آهي، ڇالاءِ جو هو خدا جي مرضيءَ موجب پاڪ ٿيلن جي شفاعت ٿو ڪري. 28 ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن. 29 ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي. 30 ۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين. 31 تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟ 32 جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟ 33 ڪير خدا جي چونڊيلن تي ڪنهن بہ ڳالهہ جو الزام آڻيندو؟ خدا اُهو آهي جو کين راستباز ٿو ٺهرائي؛ 34 ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟ 35 ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟ 36 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر سارو ڏينهن پيا مارجون، اسين ڪوس جي رڍن وانگر ليکجي وياسين.“ 37 بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون. 38 ڇالاءِ جو مون کي يقين آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ حڪومتون، نہ حال جون نہ استقبال جون شيون، نہ طاقتون 39 نہ اوچائي، نہ اونهائي، نہ مخلوق جي ٻي ڪا شيءِ اسان کي خدا جي انهي پيار کان ڌار ڪري سگهندي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society