رومين 7 - Sindhi Bible1 ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟ 2 ڇالاءِ جو جنهن زال جو مڙس حيات آهي، سا هن جي حياتيءَ تائين شريعت موجب ساڻس ٻَڌل آهي؛ پر جي اُهو مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان ڇُٽل آهي. 3 تنهنڪري جيڪڏهن مڙس جي جيئري هوءَ ٻئي مرد سان وڃي ڳنڍجي، تہ اُها زناڪار سڏبي: پر جيڪڏهن مڙس مري وڃيس تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان آزاد آهي، ۽ جي ٻئي مرد سان وڃي شادي ڪري تہ هوءَ زناڪار نہ آهي. 4 تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون. 5 ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي. 6 پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان. 7 تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها. 8 پر گناهہ وجهہ وٺي، اُنهي حڪم جي ڪري، مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي. ڇالاءِ جو شريعت کانسواءِ گناهہ مُئل آهي. 9 ۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس. 10 جنهن حڪم جي مراد هئي تہ زندگي ملي، سو منهنجي حق ۾ موت جو سبب ٿي پيو. 11 ڇالاءِ جو گناهہ وجهہ وٺي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو، ۽ اُنهي جي وسيلي مون کي ماري وڌائين. 12 تڏهن شريعت پاڪ آهي، ۽ حڪم بہ پاڪ ۽ راستباز ۽ چڱو آهي. 13 تڏهن جيڪا شيءِ چڱي آهي، سا منهنجي لاءِ موت ٿي ڇا؟ اصل ئي نہ! پر گناهہ چڱي شئي جي وسيلي منهنجي لاءِ موت جو سبب ٿيو، اُنهي لاءِ تہ گناهہ جي گنهگاري ظاهر ٿئي، ۽ حڪم جي وسيلي گناهہ تمام خراب معلوم ٿئي. 14 ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان. 15 ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو. 16 پر جيڪڏهن آئون اُهو ٿو ڪريان جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ آئون قبول ڪري چُڪس تہ شريعت چڱي آهي. 17 هاڻي انهيءَ حالت ۾ ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي، سو ئي ٿو ڪري. 18 ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم. 19 ڇالاءِ جو جيڪا نيڪي ڪرڻ گهُران ٿو، سا نٿو ڪريان، پر جيڪا بدي ڪرڻ نٿو گهُران، سا ئي پيو ڪريان. 20 پر جي آئون اُهو ڪريان ٿو جو ڪرڻ نٿو گهُران، تہ پوءِ انهي جي ڪرڻ وارو آئون نہ آهيان، پر گناهہ آهي، جو مون ۾ گهر ڪري ويٺو آهي. 21 تنهنڪري آئون هيءَ شريعت ٿو ڏسان، تہ جڏهن آئون نيڪي ڪرڻ ٿو گهُران، تڏهن برائي اچيو حاضر ٿئي. 22 ڇالاءِ جو اندر واريءَ انسانيت جي ڪري مون کي خدا جي شريعت پسند ٿي اچي: 23 پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي. 24 افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟ 25 آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society