رومين 6 - Sindhi Bible1 تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟ 2 اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟ 3 يا اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ اسين سڀ، جن مسيح يسوع ۾ بپتسما ورتي، تن اُنهي جي موت ۾ بپتسما ورتي؟ 4 تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون. 5 ڇالاءِ جو جيڪڏهن سندس موت جي مشابهت ۾ اسين هن سان شامل ٿيا آهيون، تہ هن جي جي اُٿڻ جي مشابهت ۾ بہ اسين هن سان ضرور شامل ٿينداسين. 6 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛ 7 ڇالاءِ جو جيڪو مُئو، سو گناهہ کان ڇُٽي ويو. 8 پر جيڪڏهن اسين مسيح سان گڏ مُئاسين، تہ اها پڪ اٿئون تہ اُنهي سان گڏ جيئنداسين بہ، 9 جو ڄاڻون ٿا تہ مسيح، جو مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿيو، سو وري مرڻ جو نہ آهي، هاڻي وري موت جو انهي تي ڪوبہ اختيار ڪونهي. 10 ڇالاءِ تہ مسيح جو مُئو، سو گناهہ جي نسبت ۾ هڪڙو ڀيرو مُئو: پر هاڻي جو جيئرو آهي سو خدا جي نسبت جيئرو آهي. 11 ساڳيو انهيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مُئل سمجهو، پر خدا جي نسبت مسيح يسوع ۾ جيئرا سمجهو. 12 تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو. 13 نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين. 14 ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو. 15 پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ! 16 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جنهن جي تابعداريءَ جي لاءِ اوهين پاڻ کي غلامن وانگر حوالي ٿا ڪريو، ۽ جنهن جو حڪم ٿا مڃو، انهي جا غلام آهيو؛ خواهہ گناهہ جا، جنهن جو نتيجو موت آهي، خواهہ فرمانبرداريءَ جا، جنهن جو نتيجو راستبازي آهي؟ 17 پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛ 18 ۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو. 19 اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. 20 ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گناهہ جا غلام هئا، تڏهن راستبازيءَ جي نسبت ۾ آزاد هئا. 21 پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي. 22 پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي. 23 ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society