Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 5 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.

2 جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.

3 نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛

4 ۽ صبر مان پختائي؛ ۽ پختائيءَ مان اُميد:

5 ۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.

6 ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.

7 ڪنهن راستباز ماڻهوءَ جي لاءِ ڪو مشڪل جان ڏيندو، پر شايد ڪنهن نيڪ انسان جي لاءِ ڪو ماڻهو همت ڪري پنهنجي جان ڏئي،

8 پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.

9 سو هاڻي اسين جي سندس رت جي سببان راستباز ٺهرايا ويا آهيون، تنهن لاءِ خاطري اٿئون تہ انهي جي ئي وسيلي خدا جي غضب کان بچي پونداسين.

10 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اسين دشمن هئاسين تڏهن بہ سندس فرزند جي موت جي وسيلي خدا سان اسان جو ميل ميلاپ ٿيو، تڏهن هاڻي خاطري اٿئون تہ ميل ميلاپ ٿيڻ کان پوءِ، اُنهي جي حياتيءَ جي وسيلي ضرور بچي پونداسين؛

11 ۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.

12 تنهنڪري جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري گناهہ دنيا ۾ آيو، ۽ گناهہ جي سبب موت آيو، ۽ موت سڀني ماڻهن ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ جو سڀني گناهہ ڪيو.

13 ڇو جو شريعت ملي، تنهن کان اڳي گناهہ دنيا ۾ هو، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي گناهہ بہ ليکجڻ ۾ نٿو اچي.

14 انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.

15 پر جيڪو گناهہ جو حال آهي، سو فضل جي بخشش جو نہ آهي. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي شخص جي ڏوهہ جي ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا، تہ هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي ڪري، گهڻن ئي ماڻهن کي خدا جو فضل ۽ بخشش زيادہ انداز ۾ ملي.

16 ۽ بخشش جو حال اهڙو نہ آهي جهڙو انهيءَ هڪڙي شخص جي گناهہ ڪرڻ ڪري ٿيو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي ڏوهہ ڪري فتويٰ جاري ٿي، جنهن موجب سزا جو حڪم مليو، پر گهڻن ڏوهن ڪري فضل جي بخشش جاري ٿي، جنهن موجب ماڻهو راستباز ٺهرايا ويا.

17 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.

18 انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن.

19 ڇالاءِ تہ جيئن هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ ڪري گهڻا گنهگار ٺهرايا ويا، تيئن ئي هڪڙي شخص جي فرمانبرداريءَ ڪري گهڻا راستباز ٺهرايا ويندا.

20 شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:

21 انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan