رومين 4 - Sindhi Bible1 تڏهن اسين ڇا چئون، تہ ابراهيم، جو جسماني طور اسان جو ابو هو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيو؟ 2 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ. 3 پاڪ ڪتاب ڇا ٿو فرمائي؟ تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، ۽ اهو سندس لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“ 4 هاڻي جيڪو ماڻهو ڪم ٿو ڪري، تنهن جو اُجورو بخشش نہ، پر حق ڪري ٿو ليکجي. 5 پر جيڪو ماڻهو ڪم نٿو ڪري، مگر انهي تي ايمان ٿو آڻي جو بي دين کي راستباز ٿو ٺهرائي، تنهن جو ايمان راستبازي ڪري ٿو ليکجي. 6 جهڙيءَ طرح ڪ جنهن ماڻهوءَ کي خدا ڪمن کانسواءِ راستباز ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ مبارڪ ٿو چوي: 7 ”مبارڪ اهي آهن، جن جا ڏوهہ معاف ٿي ويا، ۽ جن جا گناهہ ڍڪجي ويا. 8 مبارڪ اهو ماڻهو آهي، جنهن جو گناهہ خداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“ 9 تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو. 10 تڏهن ڪيئن لکيو ويو؟ ختني جي حالت ۾ يا نامختونيءَ ۾؟ ختني جي حالت ۾ نہ، پر بنا ختني واريءَ حالت ۾. 11 ۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛ 12 ۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو. 13 ڇالاءِ تہ ابراهيم يا سندس نسل کي جو واعدو ڏنو ويو هو، تہ تون جهان جو وارث ٿيندين، سو نہ شريعت جي ڪري، پر ايمان جي راستبازيءَ ڪري. 14 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن شريعت وارا ئي وارث ٿيندا تہ ايمان اجايو ٿيو، ۽ واعدو نڪمو ٿيو: 15 ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي. 16 انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي. 17 (جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن. 18 نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي. 19 ۽ هو جو اٽڪل سؤ ورهين جو هو، تنهن پنهنجي جسم کي مُردي جهڙو ٿي سمجهيو، ۽ ڄاتائين ٿي تہ سارہ بہ سنڍ آهي، تنهن هوندي بہ سندس ايمان گهٽ ڪين ٿيو: 20 ۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين، 21 ۽ کيس پورو يقين هو تہ جيڪو واعدو هن ڪيو آهي، سو پورو بہ ڪري ٿو سگهي. 22 انهي سبب ڪري هن جي لاءِ اها راستبازي ليکي ويئي. 23 هاڻي اها سندس لاءِ راستبازي ليکجڻ ۾ آئي، سا ڳالهہ فقط هن جي لاءِ ڪانہ ليکي ويئي هئي؛ 24 پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو، 25 جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society