Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 3 - Sindhi Bible

1 تڏهن يهوديءَ کي ڪهڙو نفعو آهي؟ يا ختني مان ڪهڙو فائدو آهي؟

2 هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو.

3 ۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟

4 بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“

5 پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)

6 بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟

7 پر جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايترو وڌيڪ پڌري ٿي، جو سندس جلال ظاهر ٿيو، تڏهن مون تي گنهگار وانگر ڪيئن ٿي فتويٰ جاري ڪرڻ ۾ اچي؟

8 (۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.

9 تڏهن ڇا ٿيو؟ اسان جي حالت کانئن بري آهي ڇا؟ اصل ئي نہ: ڇالاءِ جو اسان اڳي بہ ڏيکاريو آهي، تہ يهودي توڙي يوناني سڀيئي گناهہ ۾ ڦاٿل آهن،

10 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ راستباز ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ ڪونهي؛

11 سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛

12 اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ:

13 هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:

14 هنن جو وات لعنت ۽ ڪراهت سان ڀريل آهي:

15 سندن پير رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن؛

16 سندن واٽن ۾ تباهي ۽ مصيبت آهي؛

17 ۽ سلامتيءَ جي رستي کان ناواقف آهن:

18 هنن جي اکين ۾ خدا جو خوف ڪونهي.“

19 هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.

20 ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي.

21 پر هاڻي خدا جي راستبازي ظاهر ٿي آهي، جنهن جو شريعت سان ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي، جنهن جي شاهدي شريعت ۽ نبين ڀري آهي؛

22 يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي،

23 انهي لاءِ تہ سڀني گناهہ ڪيو آهي، ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن؛

24 ۽ اُهي سندس فضل جي ڪري، جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي تنهن جي وسيلي، مفت راستباز ٿا ليکجن.

25 انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛

26 هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي.

27 تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.

28 تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي.

29 يا خدا رڳو يهودين جو ئي خدا آهي؟ هو غير قومن جو بہ خدا ناهي ڇا؟ هائو، غير قومن جو بہ آهي:

30 جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.

31 تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan