Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 2 - Sindhi Bible

1 اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.

2 ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي.

3 اي انسان، تون جو اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوهہ ٿو رکين، ۽ پاڻ اُهي ئي ساڳيا ڪم ٿو ڪرين، سو ائين سمجهين ٿو ڇا، تہ خدا جي عدالت کان بچي ويندين؟

4 يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟

5 پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛

6 اُهو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن پنهنجن ڪمن موجب بدلو ڏيندو:

7 جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:

8 پر جيڪي خلل ٿا وجهن ۽ سچ کي نٿا مڃين، پر ناراستيءَ کي ٿا مڃين، تن تي غضب ۽ قهر پوندو؛

9 ۽ مصيبت ۽ لوڇ، سڀ ڪنهن بدڪار ماڻهوءَ جي جان تي ايندي، پهرين يهوديءَ تي، ۽ پوءِ يوناني تي:

10 پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛

11 ڇالاءِ جو خدا وٽ ڪنهن جي بہ پاسخاطري ڪانهي.

12 جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛

13 ڇالاءِ جو شريعت جي ٻُڌڻ وارا خدا جي اڳيان سچا ناهن، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارا سچا ٺهربا.

14 ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن،

15 هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛

16 انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.

17 پر جيڪڏهن تون پاڻ کي يهودي ٿو ڪوٺائين، ۽ شريعت تي اعتقاد ٿو رکين، ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين،

18 ۽ سُڌ اٿيئي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ شريعت جي تعليم حاصل ڪري، جيڪي ڳالهيون تمام چڱيون آهن، سي پسند ٿو ڪرين،

19 ۽ اها پڪ اٿيئي تہ تون پاڻ انڌن جو سونهون آهين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن، تن جو سوجهرو آهين؛

20 بي عقلن جو سڌاريندڙ، ۽ ٻارن جو سيکاريندڙ آهين، ۽ علم ۽ سچ جي صورت شريعت ۾ تو وٽ موجود آهي؛

21 تنهنڪري تون جو ٻين کي سيکارين ٿو، سو پنهنجو پاڻ کي نٿو سيکارين ڇا؟ تون جو وعظ ڪري ٿو چئين تہ چوري نہ ڪر، سو تون پاڻ چوري ٿو ڪرين ڇا؟

22 تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟

23 تون جو شريعت تي فخر ٿو ڪرين، سو شريعت کي ڀڃي خدا جي بي عزتي ٿو ڪرين ڇا؟

24 جيئن لکيل بہ آهي، تہ ”اوهان جي ئي ڪري غير قومن وارا خدا جي نالي ڪفر ٿا بڪن.“

25 ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.

26 تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟

27 ۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟

28 ڇالاءِ تہ اُهو يهودي نہ آهي جو نالي ڪري آهي، ۽ نڪي اُهو ختنو آهي جو ظاهري ۽ جسماني آهي.

29 پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan