رومين 16 - Sindhi Bible1 آئون اوهان کي فيبيءَ جي سفارش ٿو ڪريان، جا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريہ جي خادمہ آهي، 2 تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ. 3 پرسڪا ۽ اِڪولہ، جي مسيح يسوع ۾ مون سان گڏ خدمتگار آهن، تن کي سلام ڏجو، 4 جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ. 5 ۽ جيڪا ڪليسيا اُنهن جي گهر ۾ آهي، انهي کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري اپينتس کي سلام ڏجو، جو مسيح جي لاءِ آسيہ جو پهريون ڦل آهي. 6 مريم کي سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گهڻي محنت ڪئي. 7 منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن. 8 امپلياطس کي سلام ڏجو، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو آهي. 9 اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو. 10 اپليس، جو مسيح جو مقبول آهي، تنهن کي سلام ڏجو. ۽ جيڪي ارستبولس جي گهر جا ڀاتي آهن، تن کي سلام ڏجو. 11 منهنجي مائٽ هيروديون کي سلام ڏجو. نرڪسس جي گهر وارا، جي خداوند ۾ آهن، تن کي سلام ڏجو. 12 تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو. 13 روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو. 14 اسنڪرتس ۽ فلگون ۽ هروميس ۽ پترباس ۽ هرماس ۽ ٻيا جيڪي ڀائر ساڻن آهن تن کي سلام ڏجو. 15 فِللگس ۽ يوليہ ۽ نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، ۽ المپاس ۽ اُنهن سڀني پاڪ ٿيلن کي، جي ساڻن آهن، تن کي سلام ڏجو. 16 هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. 17 هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو. 18 ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين. 19 هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛ 20 پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي. 21 منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين. 22 آئون ترتيس، هن خط جو لکندڙ، خداوند ۾ اوهان کي سلام ٿو ڏيان. 23 منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين. 24 (اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي. آمين.) 25 هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين، 26 تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛ 27 ۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society