Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 15 - Sindhi Bible

1 هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.

2 اسان مان هر ڪنهن کي گهرجي تہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي سندس ڀلائيءَ لاءِ اهڙو خوش ڪريون جو هن جو سڌارو ٿئي.

3 ڇالاءِ تہ مسيح بہ پاڻ کي خوش نہ ڪيو، پر لکيل آهي تہ ”جن توکي طعنا هنيا، تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

4 ڇالاءِ تہ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون هيون، سي اسان جي تعليم لاءِ لکيون ويون، تہ صبر جي ڪري، ۽ پاڪ لکيتن جي تسلي جي ڪري، اسان کي اُميد حاصل ٿئي.

5 هاڻي صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوهان کي هي بخشي، تہ مسيح يسوع ۾ اوهين پاڻ ۾ يڪدل ٿي گذاريو:

6 انهي لاءِ تہ اوهين يڪدل ۽ يڪ زبان ٿي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي وڏائي ڪريو.

7 تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.

8 ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،

9 ۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس جلال ظاهر ڪن. جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”انهي ڪري آئون غير قومن ۾ تنهنجي تعريف ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“

10 ۽ وري چوي ٿو تہ ”اي غير قومون، سندس اُمت سان گڏ خوشيون ڪريو.“

11 ۽ وري بہ ٿو چوي تہ، ”اي غير قومون، اوهين سڀ خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سڀيئي قومون سندس تعريف ڪن.“

12 ۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“

13 هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.

14 اي منهنجا ڀائرو، مون کي بہ پاڻ اوهان جي نسبت ۾ اهو يقين آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀريل، ۽ سڀ علم سان ڀرپور آهيو، ۽ هڪ ٻئي کي نصيحت بہ ڪري سگهو ٿا.

15 تڏهن بہ آئون ڪجهہ قدر جرئت ڪري اوهان ڏانهن لکان ٿو ۽ ياد ٿو ڏياريانوَ، ڇو جو خدا مون کي اهو فضل بخشيو آهي،

16 تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.

17 تنهنڪري مسيح يسوع ۾ مون کي خدا جي خدمت تي فخر آهي.

18 ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،

19 يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.

20 ۽ اهو پڪو ارادو ڪيو اٿم تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آهي، اتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهي لاءِ تہ ٻئي ماڻهوءَ جي بنياد تي عمارت نہ اڏيان؛

21 پر جيئن لکيل آهي تہ ”جن کي اُنهي جي خبر نہ پهتي آهي سي ڏسندا، ۽ جن نہ ٻُڌو آهي سي سمجهندا.“

22 انهي ڪري آئون اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي ڀيرا روڪيو ويس.

23 پر هاڻي هنن ملڪن ۾ منهنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رهي آهي، ۽ گهڻن ورهين کان اوهان ڏانهن اچڻ جي سڪ اٿم.

24 تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.

25 پر في الحال آئون پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ٿو وڃان.

26 ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.

27 هائو، ائين چڱو آهي، ڇو جو هو انهن جا قرضدار بہ آهن، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن غير قومون روحاني برڪتن ۾ ساڻن شريڪ ٿيون آهن، تہ مٿن لازم آهي تہ جسماني برڪتن ۾ هنن جي خدمت ڪن.

28 تنهنڪري جڏهن آئون اهو ڪم پورو ڪندس، ۽ جيڪي گڏ ٿيو، سو هنن کي پهچائي ڏيندس، تڏهن اوهان وٽان ٿيندو اسپين ڏانهن ويندس.

29 ۽ مون کي خبر آهي تہ جڏهن آئون اوهان وٽ ايندس، تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.

30 هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خاطر، ۽ روح جي محبت جي خاطر، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي مون لاءِ دليون جانيون خدا کان دعا گهُرندا رهو؛

31 تہ يهوديہ ۾ جيڪي نافرمان آهن، تن کان آئون ڇُٽي پوان، ۽ يروشلم ۾ جيڪا خدمت ڪرڻي اٿم، سا شل پاڪ ٿيلن وٽ قبول پوي؛

32 ۽ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچي، اوهان سان گڏ آرام حاصل ڪريان.

33 هاڻي خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شل اوهان سڀني سان هجي. آمين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan