Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 14 - Sindhi Bible

1 جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.

2 هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي.

3 جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.

4 تون ڪير آهين جو ٻئي جي نوڪر تي الزام ٿو آڻين؟ هن جو قائم رهڻ يا ڪِري پوڻ، سو سندس ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. هائو، هو قائم ڪيو ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند کي هن جي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي.

5 هڪڙو ماڻهو هڪڙي ڏينهن کي ٻئي کان بهتر ٿو سمجهي، ٻيو ماڻهو سڀ ڏينهن هڪجهڙا ٿو سمجهي. ڀلي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل ۾ پورو يقين رکي.

6 جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.

7 ڇالاءِ جو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري.

8 هن ڪري جو جي اسين چئون ٿا تہ خداوند جي لاءِ ٿا جيئون؛ يا جي اسين مرون ٿا، تہ بہ خداوند جي لاءِ ٿا مرون: تنهنڪري جي اسين جيئون توڙي مرون، تہ بہ خداوند جا ئي آهيون.

9 ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي.

10 پر تون پنهنجي ڀاءُ تي ڇو ٿو الزام لڳائين؟ يا وري ڇو تون پنهنجي ڀاءُ کي حقير ٿو ڄاڻين؟ ڇالاءِ جو اسين سڀيئي خدا جي عدالت جي تخت جي اڳيان بيهنداسين؛

11 هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“

12 انهيءَ طرح اسان مان هرڪو پنهنجو پنهنجو حساب خدا کي ڏيندو.

13 تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.

14 آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.

15 ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.

16 پنهنجي نيڪيءَ جي بدنامي ٿيڻ نہ ڏي:

17 ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.

18 ۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.

19 تنهنڪري اچو تہ جن ڳالهين مان صلح پيدا ٿئي تن ڳالهين جا طالب ٿيون، تہ هڪ ٻئي کي سڌاري سگهون.

20 کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.

21 چڱو ائين آهي تہ تون نہ گوشت کاءُ، نہ شراب پيءُ، نڪي ڪو اهڙو ڪم ڪر جنهن جي ڪري تنهنجو ڀاءُ گمراهہ ٿئي.

22 جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري.

23 پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan