رومين 12 - Sindhi Bible1 تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي. 2 ۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي. 3 ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي. 4 ڇالاءِ جو جيئن اسان جي هڪڙي بدن ۾ گهڻيئي عضوا آهن، ۽ سڀني عضون جو هڪڙو ئي ساڳيو ڪم ڪونهي: 5 تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون. 6 ۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛ 7 يا جي خدمت ملي هجي تہ پنهنجي خدمت ۾ پاڻ کي مشغول رکون؛ يا جيڪو تعليم ڏيڻ وارو هجي سو تعليم ڏيڻ ۾ لڳو رهي؛ 8 يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري. 9 پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گهرجي. بديءَ کان نفرت ڪريو، ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10 برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛ 11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛ 12 اُميد ۾ خوش رهو؛ مصيبت ۾ تحمل ڪريو، دعا گهرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو؛ 13 پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو. 14 جي اوهان کي ستائين، تن لاءِ برڪت گهُرو؛ برڪت گهُرو پر لعنت نہ ڪريو. 15 جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو. 16 پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو. 17 بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو. 18 جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو. 19 اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ 20 پر جي تنهنجو دشمن بکيو هجي تہ انهي کي ماني کاراءِ؛ جي هو اُڃيو هجي تہ پاڻي پيارينس، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون اُنهي جي مٿي تي ٽانڊن جو ڍير ڪندين. 21 بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society