رومين 11 - Sindhi Bible1 تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان. 2 خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟ 3 تہ ”اي خداوند، هنن تنهنجن نبين کي ماري وڌو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون اٿن: باقي آئون اڪيلو وڃي بچيو آهيان، سو منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي لڳا آهن.“ 4 پر خدا پنهنجي جواب ۾ هن کي ڇا چيو؟ تہ ”مون پنهنجي لاءِ ست هزار ماڻهو بچائي ڇڏيا آهن، جن بعل جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آهي.“ 5 ساڳيءَ طرح هن وقت بہ فضل جي چونڊ موجب ڪي ٿورا باقي آهن. 6 پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو. 7 تڏهن ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ جيڪي اسرائيل ٿو ڳولي، سو هن کي نہ مليو؛ پر چونڊيلن کي اهو ملي ويو، ۽ باقي ٻيا سخت دل ڪيا ويا. 8 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”خدا هنن کي اڄوڪي ڏينهن تائين موڳائيءَ جو روح ڏنو، ۽ اهڙيون اکيون ڏنيون جي نہ ڏسن، ۽ اهڙا ڪَن ڏنا جي نہ ٻُڌن.“ 9 ۽ دائود چوي ٿو تہ ”ڀلي تہ هنن جي عيد سندن لاءِ ڄار، ۽ ڦندو، ۽ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ بدلي جو سبب ٿئي: 10 ڀلي تہ هنن جي اکين جي اڳيان اونداهي اچي وڃي تہ هو نہ ڏسن، ۽ تون هيئن ڪر تہ سندن پٺي سدائين جهُڪي پيئي هجي.“ 11 تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ. 12 هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟ 13 پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان: 14 انهي لاءِ تہ من ڪنهن بہ طرح پنهنجن قوم وارن کي غيرت ڏياري منجهانئن ڪن کي بچايان. 15 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟ 16 ۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن. 17 پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛ 18 تہ انهن ٽارين تي فخر نہ ڪر، پر جي فخر ڪندين تہ هيئن ڄاڻ تہ تون پاڙ کي نٿو کڻين، پر پاڙ توکي ٿي کڻي. 19 تڏهن تون چوندين تہ ٽاريون انهي لاءِ ڀڳيون ويون تہ آئون پيوند ٿيان. 20 چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر، 21 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن خدا اصلي ٽارين کي نہ ڇڏيو، تہ توکي بہ ڪين ڇڏيندو. 22 تڏهن تون خدا جي مهرباني ۽ سختي ڏس: سختي اُنهن تي جي ڪِري پيا، پر خدا جي مهرباني تو تي، بشرطيڪ تون سندس مهربانيءَ تي قائم رهندين: نہ تہ تون بہ وڍجي ويندين. 23 ۽ هو بہ، جي پنهنجي بي ايمانيءَ ۾ نہ رهندا، تہ پيوند ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وري پيوند ڪرڻ لاءِ طاقت وارو آهي. 24 هن ڪري جو جڏهن تون زيتون جي جهنگلي وڻ مان وڍجي ۽ چڱي زيتون ۾ طبعي حالت جي برخلاف پيوند ٿي وئين: تہ جيڪي اصلي ٽاريون آهن سي خود پنهنجي زيتون جي وڻ ۾ ڪيترو نہ وڌيڪ پيوند ٿي وينديون؟ 25 ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن. 26 انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو: 27 ۽ جڏهن آئون هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو هي عهد ٿيندو.“ 28 سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن. 29 ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن. 30 هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي، 31 تهڙيءَ طرح هاڻي هو بہ نافرمان ٿيا آهن، تہ اوهان تي رحم ٿيڻ ڪري هو بہ رحم حاصل ڪن. 32 ڇالاءِ جو خدا سڀني کي نافرمانيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ ڏنو، تہ هو سڀني تي رحم ڪري. 33 واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي! 34 ڇالاءِ جو خداوند جي عقل کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ يا ڪير سندس صلاحڪار ٿيو آهي؟ 35 يا ڪنهن پهرين هن کي ڪي ڏنو آهي، تہ کيس وري هن جو عيوضو ڏنو وڃي؟ 36 ڇالاءِ جو سڀ شيون اُنهي جي طرفان ۽ انهي جي وسيلي ۽ اُنهي جي لاءِ آهن. اُنهي جو هميشہ تائين جلال هجي. آمين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society