Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 10 - Sindhi Bible

1 اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.

2 ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.

3 ڇالاءِ جو هنن خدا جي راستبازيءَ کان ناواقف رهي، پنهنجي راستبازي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ خدا جي راستبازيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.

4 ڇالاءِ جو مسيح شريعت جي تڪميل آهي، تہ جيڪو بہ ايمان آڻي سو راستباز ٺهري.

5 ڇالاءِ جو موسيٰ لکي ٿو تہ ”جيڪو ماڻهو اُنهي راستبازيءَ تي عمل ڪري ٿو جا شريعت موجب آهي، سو انهيءَ ڪري جيئرو رهندو.“

6 پر جا راستبازي ايمان جي ڪري آهي، سا هيئن ٿي چوي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙهندو؟“ (اِهو ٿيو مسيح کي هيٺ لاهڻ.)

7 يا ”ڪير اوڙاهہ ۾ لهي ويندو؟“ (اهو ٿيو مسيح کي مُئلن مان مٿي آڻڻ.)

8 پر اُها ڇا ٿي چوي؟ هيءُ تہ ”ڪلام توکي ويجهو آهي، بلڪ تنهنجي وات ۾ ۽ تنهنجي دل ۾ آهي:“ اهو ئي ايمان جو ڪلام آهي، جنهن جي اسين منادي ٿا ڪريون.

9 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:

10 ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.

11 پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

12 ڇالاءِ جو يهوديءَ ۽ يونانيءَ ۾ ڪوبہ تفاوت ڪونهي، هن ڪري جو اهو ئي خداوند سڀني جو خداوند آهي، ۽ جيڪي کيس پڪارين ٿا، تن سڀني لاءِ فياض آهي.

13 ڇالاءِ جو ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي پڪاريندو، تنهن کي نجات ملندي.“

14 مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟

15 ۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“

16 پر اُنهن سڀني اها خوشخبري ڌيان ڏيئي ڪين ٻُڌي. ڇالاءِ جو يسعياهہ نبي چوي ٿو تہ ”اي خداوند اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟“

17 انهيءَ طرح جڏهن مسيح جو ڪلام ٿو ٻُڌائجي، تڏهن ٻُڌڻ سان ايمان پيدا ٿو ٿئي.

18 پر آئون چوان ٿو تہ هنن نہ ٻُڌو ڇا؟ هائو، بيشڪ، جيئن لکيل آهي، تہ ”هنن جو آواز ساري زمين تي ڦهلجي ويو، ۽ سندن ڪلام دنيا جي حدن تائين وڃي پهتو.“

19 پر آئون چوان ٿو تہ اسرائيل کي خبر نہ هئي ڇا؟ پهرين تہ موسيٰ چوي ٿو، تہ ”آئون اوهان کي هنن تي غيرت ڏياريندس جي ڪابہ قوم نہ آهن، آئون اوهان کي بي سمجهہ قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس.“

20 يسعياہ نبي ڏاڍيءَ همت سان چوي ٿو تہ، ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو، جن منهنجي پڇا بہ نہ ڪئي، تن تي آئون ظاهر ٿيس.“

21 پر اسرائيل جي بابت هو چوي ٿو تہ ”آئون سڄو ڏينهن هڪڙيءَ نافرمان ۽ ضدي اُمت ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندو رهيس.“

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan