Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،

2 جنهن خوشخبريءَ جو واعدو هن اڳيئي پاڪ لکيتن ۾ پنهنجن نبين جي معرفت،

3 پنهنجي فرزند اسان جي خداوند يسوع مسيح جي بابت ڪيو، جو جسم جي ڪري دائود جي نسل مان پيدا ٿيو هو،

4 پر پاڪيزگيءَ جي روح جي ڪري، مُئلن مان جي اُٿڻ جي سببان قدرت سان خدا جو فرزند ثابت ٿيو؛

5 جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،

6 جن ۾ اوهين بہ سڏيا ويا آهيو، تہ يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيو:

7 تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.

8 پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي.

9 ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،

10 ۽ هميشہ اهو سوال پيو ڪريان، تہ نيٺ ڪنهن نہ ڪنهن رستي خدا جي مرضيءَ موجب اوهان وٽ اچڻ جو شل مون کي ڪو وجهہ ملي.

11 ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:

12 يعني تہ پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي جي انهي ايمان جي ڪري تسلي حاصل ڪريون، جو اوهان ۾ بہ آهي ۽ مون ۾ بہ.

13 ۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.

14 آئون يونانين توڙي غير يونانين، ڏاهن توڙي بي عقلن، ٻنهي جو قرضدار آهيان.

15 سو آئون پنهنجي وس آهر اوهان روما وارن کي بہ خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ تيار آهيان.

16 ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.

17 ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“

18 ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي.

19 هن ڪري جو جيڪي خدا جي بابت معلوم ٿي ٿو سگهي، سو هنن جي اندر ۾ ظاهر آهي؛ جو خدا مٿن اهو ظاهر ڪيو.

20 ڇالاءِ تہ هن جون ناديدني صفتون، يعني سندس ازلي قدرت ۽ الوهيت، اهي دنيا جي پيدائش کان وٺي خلقيل شين مان معلوم ٿيڻ ڪري ظاهر ظهور پيون ڏسجن، انهي لاءِ تہ هنن کي ڪو عذر نہ رهي.

21 ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.

22 ۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا،

23 ۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.

24 انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:

25 ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.

26 انهي سبب ڪري خدا هنن کي گندين خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي زالن پنهنجو طبعي ڪم مٽائي اُهو ڪيو جو طبع جي برخلاف آهي.

27 ۽ ساڳيءَ طرح مردن زالن سان طبعي ڪم ڇڏي، هڪ ٻئي جي شهوت ۾ مست ٿي ويا، ۽ مردن، مردن سان ڪارو منهن ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي گمراهيءَ جوڳو بدلو پاتو.

28 ۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛

29 ۽ هو هر طرح جي ناراستيءَ، بدي، لالچ، بدخواهيءَ، ريس، خون، جهيڙي، ٺڳي، ۽ بغض سان ڀرجي ويا، ۽ چغلخور،

30 گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،

31 بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:

32 ۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan