مڪاشفو 7 - Sindhi Bible1 انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي. 2 ۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، 3 جيسين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن کي سندن پيشانين تي مهر نہ هڻون، تيسين اوهين نہ زمين کي، نہ سمنڊ کي، نڪي وڻن کي نقصان رسايو. 4 ۽ جن تي مهر هنئي ويئي تن جو تعداد مون ٻُڌو تہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزارن تي مهر لڳي. 5 يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي: روبين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: گاد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي. 6 آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: 7 شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: ليويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: اشڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: 8 زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي: بنيمين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مهر لڳي. 9 انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛ 10 ۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي. 11 ۽ سڀيئي ملائڪ انهي تخت، ۽ بزرگن، ۽ چئن جاندارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان جهُڪي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا، 12 ۽ چوڻ لڳا تہ آمين: تمجيد، ۽ جلال، ۽ حڪمت، ۽ شڪرگذاري، ۽ عزت، ۽ قدرت، ۽ طاقت هميشہ تائين اسان جي خدا کي هجي. آمين. 13 ۽ انهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو، تہ هي جي اڇا ڪپڙا پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن، ۽ ڪٿان آيا آهن؟ 14 ۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن. 15 تنهنڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن؛ ۽ رات ڏينهن سندس پاڪ جاءِ ۾ عبادت پيا ڪن: ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو. 16 هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي: 17 ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society