Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 6 - Sindhi Bible

1 ۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“

2 ۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.

3 ۽ جڏهن هن ٻي مهر کولي، تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٻئي جاندار چيو تہ ”اچ.“

4 ۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.

5 ۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.

6 ۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.

7 ۽ جڏهن هن چوٿين مهر کولي، تڏهن مون چوٿين جاندار کي چوندو ٻُڌو تہ ”اچ.“

8 ۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.

9 ۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.

10 ۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟

11 ۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.

12 ۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛

13 ۽ آسمان جا تارا زمين تي ڪِري پيا، جيئن ڪ طوفان ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪِري پوندو آهي.

14 ۽ آسمان ائين گم ٿي ويو جيئن ڪو ويڙهو ويڙهبو آهي؛ ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجين جاين تان هٽي ويا.

15 ۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛

16 ۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:

17 ڇالاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينهن اچي پهتو آهي؛ ۽ ڪير بيهي سگهندو؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan