Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 4 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.

2 اُنهي دم آئون روح ۾ اچي ويس؛ ۽ ڏسو، آسمان ۾ هڪڙو تخت رکيل هو، ۽ انهي تخت تي هڪڙو شخص ويٺو هو؛

3 ۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي.

4 ۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.

5 ۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛

6 ۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.

7 ۽ پهريون جاندار شينهن جهڙو هو، ٻيو جاندار گابي جهڙو، ۽ ٽئين جاندار جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ چوٿون جاندار اُڏامندڙ عقاب جهڙو هو.

8 ۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.

9 ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن،

10 تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ

11 اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan