مڪاشفو 3 - Sindhi Bible1 ۽ سرديس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح آهن ۽ ست تارا آهن، سو هيئن ٿو چوي تہ مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي، ۽ تنهنجي نالي چوندا آهن تہ تون جيئرو آهين، پر آهين مُئل. 2 تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا. 3 تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس. 4 پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن. 5 جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس. 6 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. 7 ۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ 8 مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. 9 ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي. 10 ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي. 11 آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي. 12 جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس. 13 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. 14 ۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ 15 آئون تنهنجا ڪم ڄاڻان ٿو، تہ تون نڪي ٿڌو آهين، نڪي ڪوسو؛ تون يا ٿڌو يا ڪوسو هجين ها تہ چڱو. 16 سو ڇالاءِ جو تون نهن سوسڙو آهين، ۽ نڪي ڪوسو آهين نڪي ٿڌو، تنهنڪري آئون توکي پنهنجي وات مان ٿُڪي ڪڍندس. 17 ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛ 18 تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين. 19 جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر. 20 ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو. 21 جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس. 22 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society