مڪاشفو 20 - Sindhi Bible1 پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي هٿ ۾ اوڙاهہ جي ڪنجي، ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو. 2 ۽ انهي ازدها يعني قديمي نانگ کي، جو شيطان ۽ ابليس آهي، پڪڙي هزار ورهين لاءِ ٻَڌو، 3 ۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو. 4 ۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا. 5 ۽ جيسين هزار ورهيہ پورا نہ ٿيا، تيسين ٻيا مُردا جيئرا نہ ٿيا. اها پهرين قيامت آهي. 6 مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا. 7 ۽ جڏهن اُهي هزار ورهيہ پورا ٿيندا، تڏهن شيطان پنهنجي قيد مان ڇُٽندو، 8 ۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي. 9 ۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي. 10 ۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا. 11 ۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي. 12 ۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو. 13 ۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو. 14 ۽ موت ۽ روحن جو عالم باهہ جي ڍنڍ ۾ وڌا ويا. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي. 15 ۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society