مڪاشفو 2 - Sindhi Bible1 افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ 2 مون کي تنهنجي ڪم ۽ تنهنجي محنت، ۽ صبر جي خبر آهي، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون خراب ماڻهن کي سهي نٿو سگهين؛ ۽ جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين ۽ آهن ڪين، تن کي تو آزمائي ڏٺو تہ ڪوڙا آهن. 3 ۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين. 4 پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي. 5 تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس. 6 پر تو ۾ هيءَ ڳالهہ آهي تہ نڪولين جي ڪمن کان تون نفرت ٿو ڪرين، جن کان مون کي بہ نفرت آهي. 7 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي. 8 ۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ 9 مون کي تنهنجي مصيبت ۽ تنهنجي مفلسيءَ جي خبر آهي، (پر تون تونگر آهين) ۽ جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، ۽ آهن ڪين، پر شيطان جي جماعت آهن، تن جي خبر اٿم تہ ڪيئن نہ تنهنجي گلا پيا ڪن. 10 جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس. 11 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو. 12 ۽ پرگمن واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن وٽ تکي ٻہ منهين ترار آهي، سو چوي ٿو تہ 13 مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو. 14 پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن. 15 انهيءَ طرح تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي ساڳيءَ طرح نڪولين جي تعليم تي ٿا هلن. 16 تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس. 17 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو. 18 ۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ 19 مون کي تنهنجي ڪمن، ۽ تنهنجي پيار ۽ ايمان، ۽ خدمت ۽ صبر جي خبر آهي. ۽ اها بہ، تہ تنهنجا پويان ڪم پهرين کان زيادہ آهن. 20 پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري. 21 ۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري. 22 ڏس، آئون انهيءَ کي بستري داخل ٿو ڪريان، ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن، سي جيڪڏهن پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين مصيبت ۾ وجهندس. 23 ۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس. 24 پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان. 25 انهي هوندي بہ جيڪي اوهان کي مليو آهي سو قابو ڪجو، جيسين ڪ آئون اچان. 26 ۽ جيڪو غالب پوندو، ۽ جيڪو منهنجي مرضيءَ تي توڙ تائين هلندو، تنهن کي آئون قومن تي اختياري ڏيندس: 27 جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو. 28 ۽ آئون هن کي صبح جو چمڪندڙ تارو سڏيندس. 29 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society