مڪاشفو 19 - Sindhi Bible1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي: 2 ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس. 3 ۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو. 4 ۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ! 5 ۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو. 6 ۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري. 7 اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي. 8 ۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن. 9 ۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن. 10 ۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي. 11 ۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري. 12 ۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي. 13 ۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي. 14 ۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون. 15 ۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو. 16 ۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“ 17 پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛ 18 تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو. 19 پوءِ مون انهي حيوان ۽ زمين جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو تہ هو انهي گهوڙي سوار، ۽ سندس فوج سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن. 20 ۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا: 21 ۽ باقي ٻيا انهي گهوڙي سوار جي ترار سان، يعني جا ترار سندس وات مان ٿي نڪتي، تنهن سان مارجي ويا: ۽ سڀيئي پکي انهن جي گوشت مان ڍاپي پيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society