مڪاشفو 18 - Sindhi Bible1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون هڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي وڏو اختيار ڏنل هو؛ ۽ زمين سندس جلال سان روشن ٿي ويئي. 2 ۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو. 3 ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا. 4 ۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي: 5 ڇالاءِ جو انهي جا گناهہ آسمان تائين وڃي پهتا آهن، ۽ خدا هن جي بدڪارين کي ياد ڪيو آهي. 6 جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو. 7 جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس. 8 تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي. 9 ۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا. 10 ۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي. 11 ۽ زمين جا سوداگر انهي لاءِ روئندا ۽ ماتم ڪندا، ڇالاءِ جو ڪوبہ سندن مال وري خريد نہ ڪندو؛ 12 يعني سندن سون، رپو، جواهرات، موتي، عمدو ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، ۽ سڀ سرهيون ڪاٺيون، ۽ هر قسم جون عاج جون شيون، ۽ تمام قيمتي ڪاٺ، ۽ پتل، ۽ لوهہ ۽ سنگ مرمر مان جڙيل هر قسم جون شيون، 13 ۽ دال چيني، ۽ مصالحہ، ۽ مر، ۽ عطر، ۽ لوبان، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ميدو، ۽ ڪڻڪ، ۽ ڍور، ۽ رڍون، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ غلام، ۽ ماڻهن جون جانيون. 14 ۽ تنهنجا دلپسند ميوا تو وٽان هليا ويا آهن، ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون هيون، سي تو وٽان گم ٿي ويون آهن، ۽ اهي وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون. 15 انهن شين جا سوداگر جن کي هن دولتمند ڪري ڇڏيو هو، سي هن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي روئندا ۽ ماتم ڪندا؛ 16 ۽ چوندا تہ هاءِ هاءِ، اهو وڏو شهر، جنهن کي عمدا ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ قرمزي ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهر ۽ موتين سان سينگاريل هو! 17 ڇالاءِ جو هڪڙي ڪلاڪ ۾ سندس ساري دولت چٽ ٿي ويئي، ۽ سڀ ميربحر، ۽ سڀيئي جهاز جا مسافر، ۽ خلاصي، ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيهي رڙيون ڪندا، 18 ۽ هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسي چوندا تہ هن وڏي شهر جهڙو ٻيو ڪهڙو شهر آهي؟ 19 ۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو. 20 اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو. 21 ۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو. 22 ۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو. 23 ۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون. 24 ۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society