Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 17 - Sindhi Bible

1 ۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛

2 جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.

3 ۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.

4 ۽ انهيءَ زال کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. ۽ هٿ ۾ هڪڙو براين سان ڀريل سونو پيالو هوس، يعني سندس زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان،

5 ۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

6 ۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.

7 ۽ هن ملائڪ مون کي چيو تہ تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آئون توکي انهيءَ زال ۽ انهيءَ جانور جنهن تي هوءَ چڙهيل آهي ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ آهن، تن جو راز بيان ڪري ٻُڌائيندس.

8 اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.

9 هن جو مطلب داناءُ دل پاڻ سمجهي. ست مٿا ست جبل آهن، جن تي هيءَ زال ويٺي آهي:

10 ۽ اهي ست بادشاهہ آهن؛ انهن مان پنج ڪِري پيا، هڪڙو موجود آهي ۽ هڪڙو اڃا آيو ئي ڪينهي؛ ۽ جڏهن اهو ايندو تڏهن ضرور ٿوري وقت تائين رهندو.

11 ۽ جيڪو جانور اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو پاڻ اٺون آهي، ۽ انهن ستن مان آهي؛ ۽ اُهو برباد ٿي ويندو.

12 ۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.

13 سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.

14 اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.

15 پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.

16 ۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

17 ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.

18 ۽ اها زال جا تو ڏٺي سا اُهو وڏو شهر آهي، جو زمين جي بادشاهن تي حڪومت ٿو ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan