مڪاشفو 16 - Sindhi Bible1 ۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو. 2 ۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا. 3 ۽ ٻئي پنهنجو پيالو سمنڊ تي اوتيو؛ ۽ اُهو مُئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو؛ ۽ سمنڊ ۾ جيڪي جاندار هئا، سي سڀ مري ويا. 4 ۽ ٽئين پنهنجو پيالو ندين ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي اوتيو؛ ۽ اُنهن جو پاڻي رت ٿي پيو. 5 ۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛ 6 ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن. 7 ۽ مون قربانگاهہ مان هڪڙو آواز هيئن چوندو ٻُڌو تہ هائو، اي خداوند خدا، قادر مطلق، تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن. 8 ۽ چوٿين پنهنجو پيالو سج تي اوتيو؛ ۽ انهي کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي. 9 ۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون. 10 ۽ پنجين پنهنجو پيالو انهي حيوان جي تخت تي اوتيو؛ ۽ هن جي بادشاهت ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ۽ سور سببان ماڻهو پنهنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا. 11 ۽ پنهنجن سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آسمان جي خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪڻ لڳا؛ ۽ پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون. 12 ۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي. 13 ۽ مون انهي ازدها جي وات مان، ۽ حيوان جي وات مان، ۽ انهي ڪوڙي نبيءَ جي وات مان، ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندا ڏٺا: 14 ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن. 15 (ڏسو، آئون ائين ٿو اچان جيئن چور ايندو آهي، مبارڪ آهي اُهو جو سجاڳ ٿو رهي، ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ متان اُگهاڙو ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگهڙ ڏسن.) 16 ۽ انهن کين انهي هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ هومگدون ٿا چون. 17 ۽ ستين پنهنجو پيالو هوا ۾ اوتيو؛ ۽ هيڪل مان تخت جي پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ پورو ٿيو! 18 ۽ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيون؛ ۽ وڏو زلزلو ٿيو، اهڙو جو جڏهن کان ماڻهو زمين تي پيدا ٿيا، تڏهن کان وٺي اهڙو وڏو زلزلو ڪڏهن ڪونہ ٿيو. 19 ۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري. 20 ۽ سڀ ٻيٽ گم ٿي ويا، ۽ جبلن جو پتو ئي ڪونہ رهيو. 21 ۽ ماڻهن تي آسمان مان وڏا ڳڙا پوڻ لڳا، جن مان هڪ هڪ ڳڙو وزن ۾ هڪ مڻ هو؛ ۽ انهن ڳڙن جي آفت سبب ماڻهو خدا تي ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ جو اها آفت ڏاڍي سخت هئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society