Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 15 - Sindhi Bible

1 ۽ مون آسمان ۾ ٻيو وڏو ۽ عجب جهڙو نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ ڏٺم، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي پڇاڙيءَ جون آهن، ڇالاءِ جو اُنهن ۾ خدا جو غضب پورو ٿيو.

2 ۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.

3 ۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.

4 اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.

5 ۽ انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ جا شاهديءَ جي خيمي جي پاڪ جاءِ آهي سا کولي ويئي؛

6 ۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا.

7 ۽ انهن چئن جاندارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا، ابدي زندہ خدا جي قهر سان ڀريل ڏنا.

8 ۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan