مڪاشفو 13 - Sindhi Bible1 ۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا. 2 ۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو. 3 ۽ مون ڏٺو تہ هن جي مٿن مان هڪڙي کي موتمار ڌڪ لڳل هو؛ پر اُهو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. ۽ سارو جهان حيران ٿي انهي حيوان جي پٺيان اچڻ لڳو. 4 ۽ ڇالاءِ جو ازدها پنهنجو اختيار انهي حيوان کي ڏنو هو، تنهنڪري انهن ازدها جي پرستش ڪئي؛ ۽ انهي حيوان جي بہ پرستش ڪيائون، ۽ چيائون تہ هن حيوان جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگهي؟ 5 ۽ حيوان کي هڪڙو وات ڏنو ويو، جنهن سان هن وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ڪفر پئي بڪيو؛ ۽ ٻائيتاليهن مهينن تائين کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ويئي. 6 ۽ هن پنهنجو وات کوليو، انهي لاءِ تہ خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪي، يعني سندس نالي ۽ سندس خيمي جي نسبت ۾ ڪفر بڪي. 7 ۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ پاڪ ٿيلن سان جنگ ڪري ۽ کين شڪست ڏئي، ۽ هن کي سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ، ۽ قوم تي اختيار ڏنو ويو. 8 ۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن. 9 جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي. 10 جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي. 11 ۽ مون هڪڙو ٻيو حيوان زمين مان نڪرندو ڏٺو؛ جنهن کي گهيٽي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو. 12 ۽ هن پهرئين حيوان جي روبرو سڀ اختيار ٿي هلايو، ۽ انهي زمين ۽ سندس رهاڪن کان انهي پهرئين حيوان جي پرستش ٿي ڪرائي، جنهن جو موتمار زخم ڇُٽي ويو هو. 13 ۽ هن وڏا نشان ڪري ٿي ڏيکاريا، ايتري قدر جو هن ماڻهن جي اڳيان آسمان مان زمين تي باهہ ٿي ڪيرائي. 14 ۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو. 15 ۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي. 16 ۽ هن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندس ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙي ڇاپ هڻائي ڇڏي؛ 17 انهي لاءِ تہ جنهن تي اهو نشان هجي، يعني انهي حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد هجي؛ تنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خريد ۽ فروخت نہ ڪري سگهي. 18 ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society