مڪاشفو 10 - Sindhi Bible1 ۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون. 2 ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ننڍو کليل ڪتاب هو: ۽ هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي رکيو ۽ کاٻو پير زمين تي رکيائين؛ 3 ۽ وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪيائين جهڙي شينهن گجگوڙ ڪندو آهي: ۽ جڏهن هن رڙ ڪئي تڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا. 4 ۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک. 5 ۽ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، 6 ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي! 7 پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو. 8 ۽ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻُڌو هو، تنهن کي وري ڳالهائيندو ٻُڌم، تہ جيڪو ملائڪ سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اِهو کليل ڪتاب وڃي وٺ. 9 ۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي. 10 ۽ مون ملائڪ جي هٿان اهو ننڍڙو ڪتاب ورتو ۽ کاڌو، ۽ اهو منهنجي وات ۾ ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو: ۽ جڏهن اُهو کائي بس ڪيم، تڏهن منهنجو پيٽ ڪَڙو ٿي پيو. 11 ۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society