زبور 99 - Sindhi Bible1 خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي. 2 خداوند صيون ۾ عظيم آهي؛ هو سڀني قومن کان گهڻو مٿي آهي. 3 ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي. 4 بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين. 5 اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي. 6 هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو. 7 هن ڪڪر جي ٿنڀ مان انهن سان ڳالهايو: ۽ جيڪي شاهديون ۽ قانون کين ڏنائين تن کي هنن مڃيو. 8 اي خداوند اسان جا خدا، تو انهن کي جواب ڏنو: جيتوڻيڪ تو انهن کي سندن ڪمن جو بدلو ڏنو، تڏهن بہ تون اُهو خدا آهين جنهن کين معاف ڪيو. 9 خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society