زبور 98 - Sindhi Bible1 خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو؛ ڇو جو هن عجيب ڪم ڪيا آهن: هن جي ساڄي هٿ ۽ پاڪ ٻانهن هنجي لاءِ فتح حاصل ڪئي آهي. 2 خداوند پنهنجي نجات پڌري ڪئي آهي: ۽ پنهنجي راستبازي قومن جي سامهون ظاهر ڪري ڏيکاري اٿس. 3 هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي. 4 اي زمين جا سڀ رهاڪو خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو: شوق سان خوشيءَ جا گيت ۽ تعريف ڳايو. 5 بربط وڄائي خداوند جي تعريف ڳايو؛ هائو بربط وڄائي مٺي آواز سان ڳايو. 6 بادشاهہ، يعني خداوند جي حضور ۾، تري ۽ شرنائي وڄائي خوشيءَ جو آواز ڪريو. 7 سمنڊ ۽ انهي جي معموري گجگوڙ ڪري: جهان ۽ سندس سڀ رهاڪو بہ ائين ئي ڪن. 8 ڀلي تہ سيلاب تاڙيون وڄائين؛ ۽ جبل خوشيءَ وچان خداوند جي حضور ۾ گڏجي گيت ڳائين: 9 خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society