زبور 97 - Sindhi Bible1 خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين. 2 هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي. 3 هن جي اڳيان اڳيان باهہ ٿي وڃي، ۽ سندس دشمنن کي چوڌاري ساڙيو ڇڏي. 4 هن جي وڄ چمڪي جهان کي روشن ڪيو: زمين اها ڏسي ڏڪي ويئي. 5 خداوند جي حضور ۾، يعني ساريءَ زمين جي خداوند جي حضور ۾ جبل ميڻ وانگي پگهري ويا. 6 آسمان هن جي سچائي ظاهر ٿا ڪن، ۽ سڀني قومن سندس جلال ڏٺو آهي. 7 جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو. 8 اي خداوند، صيون اهو ٻڌي سرهو ٿيو، ۽ يهوداہ جون ڌيئرون تنهنجن فيصلن جي ڪري خوشيون ڪرڻ لڳيون. 9 ڇو جو اي خداوند تون ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين: ۽ سڀني معبودن کان گهڻو اعليٰ آهين. 10 اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو. 11 راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي. 12 اوهين جي راستباز آهيو، سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: ۽ سندس پاڪ نالي جو شڪر ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society