زبور 96 - Sindhi Bible1 خداوند جي حضور ۾ نئون گيت ڳايو: اي زمين جا سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو. 2 خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ هن جي نالي کي مبارڪ چئو؛ ۽ روزبروز سندس نجات جو بيان ڪريو. 3 قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، ۽ سڀني ماڻهن ۾ سندس عجيب ڪم جو بيان ڪريو. 4 ڇالاءِ جو خداوند عظيم آهي، ۽ تعريف جي لائق آهي: هو سڀني معبودن کان وڌيڪ تعظيم جي لائق آهي. 5 ڇالاءِ جو قومن جا سڀ معبود بت آهن: پر خداوند آسمانن کي بنايو. 6 مان ۽ شان هنجي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ جمال سندس پاڪ مڪان ۾ آهن. 7 اي اُمت جا قبيلا، خداوند جي، فقط خداوند جي تمجيد ۽ تعظيم ڪريو. 8 خداوند جي نالي جي لائق سندس جلال جي تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس درگاهہ ۾ اچو. 9 پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند کي سجدو ڪريو: اي زمين جا سڀ رهاڪو هن جي اڳيان ڏڪندا رهو. 10 قومن ۾ ٻڌايو تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري: دنيا اهڙي قائم آهي جو اُنهيءَ کي لوڏو ڪونهي: سچائيءَ سان هو قومن جي عدالت ڪندو. 11 ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن، ۽ زمين سرهي ٿئي، ڀلي تہ سمنڊ ۽ سندس معموري گوڙ شور ڪن. 12 ميدان ۽ جيڪي منجهس آهي سو خوش ٿئي، تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خوشيءَ سان ڳائيندا؛ 13 خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society