زبور 94 - Sindhi Bible1 اي خداوند، اي انتقام وٺڻ وارا خدا! اي خدا، جنهن جو ڪم بدلو وٺڻ آهي، پنهنجو جلوو ڏيکار. 2 اي جهان جا انصاف ڪرڻ وارا اُٿ: مغرورن کي بدلو ڏي. 3 اي خداوند بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو ڪيستائين، پاڻ کي پڏائيندا؟ 4 اهي بڪ بڪ ٿا ڪن، ۽ مغروريءَ سان ٿا ڳالهائين: ۽ سڀ خطاڪار ٻٽاڪون پيا هڻن. 5 اي خداوند اهي تنهنجيءَ اُمت کي پيڙين ٿا، ۽ تنهنجيءَ ميراث کي ڏکوئين ٿا. 6 اهي بيوہ زالن ۽ پرديسين کي قتل ٿا ڪن، ۽ يتيمن جو خون ٿا ڪن. 7 ۽ چون ٿا تہ خداوند ڏسندو ئي ڪين، يعقوب جو خدا خيال ڪونہ ڪندو. 8 اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟ 9 جنهن ڪن جوڙيو آهي سو نہ ٻڌندو ڇا؟ جنهن اک جوڙي آهي سو ڪين ڏسندو ڇا؟ 10 هو جو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ۽ ماڻهن کي علم ٿو سيکاري، سو سزا ڪين ڏيندو ڇا؟ 11 خداوند انسان جا خيال ڄاڻي ٿو، تہ اُهي اجايا آهن. 12 اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛ 13 انهيءَ لاءِ تہ تون کيس مصيبت جي ڏينهن کان آرام بخشين، جيسين ڪ بڇڙي جي قبر کوٽجي. 14 ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو. 15 ڇو تہ انصاف سچائيءَ ڏانهن موٽندو: ۽ سڀ سچيءَ دل وارا انهيءَ جي پيروي ڪندا. 16 منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟ 17 جيڪڏهن خداوند منهنجو مددگار نہ هجي ها، تہ منهنجي جان جلد ئي خاموش ٿي وڃي ها. 18 اي خداوند جنهن مهل مون چيو تہ منهنجو پير ترڪي ٿو؛ تنهن مهل تنهنجي رحم مون کي سنڀالي ورتو. 19 جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي. 20 بڇڙائيءَ جي تخت سان، جو ٺڳيءَ جا قانون ٿو جوڙي، تنهنجو ڪو رشتو ٿيندو ڇا؟ 21 اهي راستباز جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿا ٿين، ۽ بيگناهہ کي ڏوهاري ٿا ٺهرائين. 22 پر خداوند منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ ۽ منهنجو خدا منهنجي پناهہ جو ٽڪر آهي. 23 هن انهن کي سندن خطائن جو بدلو ڏنو، ۽ کين سندن بڇڙائيءَ ۾ تباهہ ڪندو؛ خداوند اسان جو خدا انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society