Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 93 - Sindhi Bible

1 خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.

2 تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي: تون پاڻ ازل کان آهين.

3 اي خداوند پاڻين گوڙ شور ڪيو آهي، پاڻين پنهنجو آواز وڌايو آهي؛ پاڻي گجگوڙ ٿا ڪن.

4 خداوند گهڻن پاڻين جي گوڙ شور کان، بلڪ سمنڊ جي وڏين لهرن کان مٿي، ۽ قادر آهي.

5 اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan