زبور 92 - Sindhi Bible1 اي خدا تعاليٰ، خداوند جي شڪر گذاري ڪرڻ، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڪرڻ چڱو ڪم آهي: 2 صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ، 3 ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي. 4 ڇو تہ اي خداوند تو مون کي پنهنجن ڪمن سان خوش ڪيو آهي: آءٌ تنهنجيءَ دستڪاريءَ جي سبب سرهو ٿيندس. 5 اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن. 6 وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو. 7 جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن. 8 پر تون اي خداوند، سدائين سربلند آهين. 9 ڇو جو اي خداوند، ڏس، تنهنجا دشمن تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ سڀ خطاڪار ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. 10 پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان. 11 منهنجين اکين منهنجي مرضيءَ موجب دشمنن جو حال ڏٺو آهي، ۽ جيڪي بدڪار منهنجي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تن جو حال منهنجيءَ مرضيءَ موجب منهنجن ڪنن ٻڌو آهي. 12 راستباز ماڻهو کجيءَ وانگي وڌندو ويجهندو: هو لبنان جي ديودار وانگيان وڌندو. 13 جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا. 14 اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا. 15 تہ ظاهر ٿئي تہ خداوند سچو آهي؛ هو منهنجو ٽڪر آهي، ۽ منجهس ڪا ناراستي ڪانهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society