Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 91 - Sindhi Bible

1 جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.

2 آءٌ خداوند جي بابت چوندس تہ هو منهنجي پناهہ ۽ منهنجو قلعو آهي؛ هو منهنجو خدا آهي، ۽ انهي تي منهنجو ڀروسو آهي.

3 ڇو جو هو توکي ماريءَ جي ڦندي کان، ۽ موتمار مريءَ کان ڇڏائيندو.

4 هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي.

5 تون رات جي هيبت کان ڪين ڊڄندين، نڪي انهي تير کان جو ڏينهن جو هلايو ويندو،

6 نہ انهيءَ مريءَ کان جا اوندهہ ۾ پيئي گهمي، نڪي وبا کان جا ڏينهن ڏٺي جو برباد ٿي ڪري.

7 تنهنجي پاسي ۾ هزار ڪري پوندا، بلڪ تنهنجي ساڄي هٿ وٽ ڏهہ هزار؛ پر اُها تو تائين ڪين پهچندي.

8 تون رڳو پنهنجن اکين سان نهاريندين، ۽ بڇڙن جو نتيجو ڏسندين.

9 ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجي پناهہ آهين! تو خدا تعاليٰ کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ ڪيو آهي؛

10 تنهن ڪري توتي ڪا مصيبت ڪانہ پوندي، نڪي ڪا آفت وري تنهنجي تنبوءَ جي ويجهو ايندي.

11 ڇو جو هو پنهنجن فرشتن کي حڪم ڏيندو، تہ اهي تنهنجن سڀني واٽن ۾ تنهنجي سنڀال ڪن.

12 اهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا تہ متان تنهنجي پير کي پٿر سان جهري لڳي.

13 تون شينهن ۽ سپ کي لتاڙيندين: تون شينهن جي ٻچي ۽ نانگ کي پائمال ڪندين.

14 ڇو جو هن مون سان دل لڳائي آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڇڏائيندس: هن منهنجو نالو سڃاتو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس سرفراز ڪندس.

15 هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.

16 آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan