Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 90 - Sindhi Bible

1 اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.

2 جبل پيدا ٿيا، يا تو زمين ۽ جهان کي جوڙيو، تنهن کان اڳي بلڪ ازل کان وٺي ابد تائين تون ئي خدا آهين.

3 تون انسان کي موٽائي مٽيءَ سان ٿو ملائين، ۽ چوين ٿو تہ اي بني آدم موٽي اچو.

4 ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ هزار ورهيہ اهڙا آهن جهڙو ڪالهوڪو ڏينهن جو گذري ويو، ۽ جهڙو رات جو هڪڙو پهر.

5 تون انهن کي اُٿل جي پاڻيءَ وانگي وهائي ٿو ڇڏين؛ اهي ننڊ جي جهوٽي وانگر آهن: هو انهي گاهہ جهڙا آهن جو صبح جو اُڀري ٿو.

6 هو صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو؛ پر سانجهيءَ جو وڍجي ٿو وڃي ۽ ڪومائجي ٿو وڃي.

7 اسين تنهنجي غصي جي ڪري فنا ٿا ٿيون، ۽ تنهنجيءَ ڪاوڙ جي ڪري حيران پريشان آهيون.

8 تو اسان جون خطائون پنهنجي سامهون رکيون آهن، ۽ اسان جا ڳجها گناهہ تنهنجي چهري جي سوجهري ۾ پڌرا ٿيا آهن.

9 ڇو تہ اسان جا سڀ ڏينهن تنهنجي غضب ۾ ٿا گذرن: ۽ اسان جا ورهيہ آکاڻيءَ وانگي پورا ٿيو وڃن.

10 اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.

11 تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟

12 تون اسان کي اهڙيءَ طرح اسان جا ڏينهن ڳڻڻ سيکار جو اسين داناءُ دل حاصل ڪريون.

13 اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.

14 صبح جو پنهنجي رحم سان اسان کي ڍءُ ڪراءِ؛ تہ اسين پنهنجي ساري عمر خوش رهون ۽ سرها ٿيون.

15 جيترا ڏينهن تو اسان کي ڏکن ۾ رکيو، ۽ جيترا ورهيہ اسان آفتن ۾ گذاريا، اوتري خوشي اسان کي عطا ڪر.

16 پنهنجي بندن کي پنهنجو ڪم ڏيکار، ۽ سندن اولاد تي پنهنجو جلال ظاهر ڪر.

17 شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan