Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 9 - Sindhi Bible

1 آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس.

2 آءٌ تو ۾ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس؛ اي خدا تعاليٰ آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس.

3 جڏهن منهنجا دشمن پٺ تي ٿا هٽن، تڏهن اهي تنهنجي اڳيان ڪري نابود ٿا ٿين.

4 ڇالاءِ جو تو منهنجو حق ۽ منهنجي دعويٰ قائم ڪئي آهي؛ تو تخت تي ويهي سچو انصاف ڪيو آهي.

5 تو قومن کي ڇينڀيو آهي، تو بڇڙن کي برباد ڪيو آهي، ۽ انهن جو نالو هميشہ جي لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿيئي.

6 دشمنن جي پڇاڙي ٿي آهي، اهي هميشہ جي لاءِ فنا ٿي ويا آهن؛ ۽ جن شهرن کي تو ڦٽائي ڇڏيو آهي، تن جي يادگيري بہ ميٽجي ويئي آهي.

7 پر خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي؛ هن پنهنجو تخت انصاف ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.

8 هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.

9 خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛

10 جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.

11 خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.

12 ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.

13 اي خداوند، تون جو مونکي موت جي دروازن تان اُٿاريندڙ آهين، مون تي رحم ڪر؛ ۽ نفرت ڪرڻ وارا مون کي جيڪو ڏک ٿا ڏين، تنهن تي نظر ڪر.

14 تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.

15 قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن.

16 خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.

17 بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون.

18 ڇالاءِ جو محتاج هميشہ وساريا نہ ويندا، نڪي غريبن جي اُميد هميشہ جي لاءِ تباهہ ٿيندي.

19 اي خداوند، اُٿ، انسان غالب نہ ٿئي؛ ڀلي تہ تنهنجي حضور ۾ قومن جي عدالت ٿئي.

20 اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan