زبور 89 - Sindhi Bible1 آءٌ هميشہ خداوند جي رحمتن جا گيت ڳائيندس: ۽ سڀني پيڙهين ۾ منهنجو وات تنهنجي وفاداري ظاهر ڪندو. 2 ڇالاءِ جو مون چيو تہ رحم هميشہ تائين هلندو رهندو؛ ۽ تون پنهنجي وفاداري آسمانن ۾ بہ قائم ڪندين. 3 مون پنهنجي چونڊيلن سان عهد ڪيو آهي، ۽ پنهنجي بندي دائود سان قسم کنيو اٿم. 4 تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس. 5 اي خداوند آسمان تنهنجي عجيب ڪم جي تعريف ڪندا؛ ۽ پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تنهنجي وفاداريءَ جي تعريف ٿيندي. 6 ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟ 7 هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي. 8 اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟ 9 سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين. 10 تو مصر کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو آهي، جيئن ڪنهن قتل ٿيل کي ڪندا آهن؛ تو پنهنجي زوراور ٻانهن سان پنهنجن دشمنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي. 11 آسمان تنهنجا آهن، ۽ زمين بہ تنهنجي آهي تو ئي جهان ۽ انهي جي جوڙ جوڙي آهي. 12 اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين. 13 تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي. 14 تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن. 15 مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن. 16 اهي سڄو ڏينهن تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ٿا ڪن: ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ ڪري سرفراز ٿا ٿين. 17 ڇو جو تون انهن جي طاقت جو شان آهين: ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جو سڱ مٿي ٿيندو. 18 ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي. 19 تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم. 20 مون کي پنهنجو بندو دائود ملي ويو آهي؛ ۽ انهي کي پنهنجي پاڪ تيل سان مسح ڪيو اٿم: 21 منهنجو هٿ سدائين مٿس رهندو؛ ۽ منهنجي ٻانهن کيس طاقت بخشيندي. 22 ڪو دشمن مٿس ظلم نہ ڪندو؛ ۽ بڇڙو ماڻهو کيس ڪين ڏکوئيندو. 23 آءٌ هن جي دشمنن کي سندس اڳيان پائمال ڪندس ۽ جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي ماريندس. 24 پر منهنجي وفاداري ۽ منهنجو رحم ساڻس رهندو؛ ۽ منهنجي نالي ڪري هن جو سڱ مٿي ٿيندو. 25 آءٌ هن جو هٿ سمنڊ تي، ۽ سندس ساڄو هٿ ندين تي قائم ڪندس. 26 هو مون کي پڪاري چوندو تہ تون منهنجو پيءُ، ۽ منهنجو خدا، ۽ منهنجي نجات جو ٽڪر آهين. 27 آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس. 28 آءٌ هن تي پنهنجو رحم هميشہ قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد ساڻس محڪم ٿيندو. 29 آءٌ هن جي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ جيستائين آسمان آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو. 30 جيڪڏهن هن جو اولاد منهنجيءَ شريعت کي ڇڏي ڏيندو، ۽ منهنجن فيصلن تي نہ هلندو؛ 31 جيڪڏهن اهي منهنجا قانون ڀڃندا، ۽ منهنجن حڪمن کي نہ مڃيندا؛ 32 تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس. 33 پر آءٌ انهن تان پنهنجو رحم هميشہ لاءِ ڪين هٽائيندس، ۽ پنهنجي وفاداريءَ کي باطل ٿيڻ نہ ڏيندس. 34 آءٌ پنهنجو عهد ڪين ڀڃندس، ۽ جيڪو ڪلام منهنجي واتان نڪتو آهي تنهن کي ڪين ڦيرائيندس. 35 مون هڪڙو ڀيرو پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي؛ آءٌ ماڻهن سان ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس؛ 36 هن جو نسل هميشہ تائين قائم هوندو، ۽ سندس تخت سج وانگي منهنجي اڳيان رهندو. 37 اهو هميشہ چنڊ وانگي، ۽ آسمان جي سچي شاهد وانگر قائم رهندو. 38 پر تو انهيءَ کي رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي مسح ڪيل تي ڪاوڙيو آهين. 39 جو عهد تو پنهنجي بندي سان ڪيو هو تنهن کان نفرت ڪئي اٿيئي؛ ۽ منهنجو ڇٽ لاهي پٽ تي هنيو اٿيئي؛ 40 تو هن جي سڀني واڙين کي ڀڃي ڇڏيو آهي؛ ۽ سندس قلعن کي ڊاهي ڇڏيو اٿيئي. 41 جيڪي اتان لنگهن ٿا سي انهن کي پيا لٽين: ۽ هو پنهنجي پاڙيوارن لاءِ طعنن جو سبب آهي. 42 تو منهنجي دشمنن جو ساڄو هٿ بلند ڪيو آهي، ۽ سندس سڀني ويرين کي خوش ڪيو اٿيئي. 43 هائو، تو هن جي ترار جي ڌار کي موڙيو آهي، ۽ کيس جنگ ۾ بيهڻ نہ ڏنو اٿيئي. 44 تو هن جي رونق اُڏائي ڇڏي آهي، ۽ سندس تخت کي پٽ تي اُڇلايو اٿيئي. 45 تو هن جي جوانيءَ جا ڏينهن گهٽائي ڇڏيا آهن: ۽ کيس شرم سان ڍڪي ڇڏيو اٿيئي. 46 اي خداوند ڪيستائين، تون هميشہ تائين پاڻ لڪائي ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي پيئي ٻرندي؟ 47 ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي! 48 اهو ڪهڙو ماڻهو اهي جو پيو جيئندو ۽ موت کي ڪين ڏسندو، ڪير پنهنجيءَ جان کي قبر کان بچائيندو؟ 49 اي خداوند تنهنجون اڳيون رحمتون ڪٿي آهن، جن بابت تو دائود سان پنهنجيءَ وفاداريءَ جو قسم کنيو هو؟ 50 اي خداوند تنهنجي بندن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي سا ياد ڪر: آءٌ تہ پنهنجي سيني ۾ زوراور قومن جا طعنا پيو سهان. 51 اي خداوند تنهنجي دشمنن ڪيئن نہ طعنا هنيا آهن، بلڪ جنهن کي تو مسح ڪيو اهي تنهن کي قدم قدم تي طعنا ٿا هڻن. 52 شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society