زبور 88 - Sindhi Bible1 اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن. 2 شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي؛ تون منهنجي دانهن تي پنهنجو ڪن ڏي: 3 ڇالاءِ جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي ڄمار قبر کي ويجهي پوندي وڃي. 4 آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي: 5 آءٌ انهن مئلن ۾ ڇڏيو ويو آهيان جن کي قتل ڪري قبر ۾ وڌو اٿن. جن کي تون ياد نٿو ڪرين، ۽ جيڪي تنهنجي هٿ مان تباهہ ٿيا آهن. 6 تو مون کي اونهيءَ کڏ ۾، بلڪ اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وڌو آهي. 7 مون تي تنهنجي ڏاڍي ڪاوڙ آهي، تو مون کي مصيبتن جي لهرن ۾ دٻائي ڏکي ڪيو آهي. 8 تو منهنجي واقفڪارن کي مون کان پري ڪيو آهي: ۽ انهن جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو ڪيو اٿيئي: آءٌ بند ۾ آهيان، ۽ ٻاهر نڪري نٿو سگهان. 9 ڏک جي ڪري منهنجين اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي: اي خداوند، آءٌ هر روز تو ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پيو پڪاريان. 10 تون مئلن کي پنهنجا عجيب ڪم ڏيکاريندين ڇا؟ مردا جيئرا ٿي تنهنجي تعريف ڪندا ڇا؟ 11 قبر ۾ ماڻهو تنهنجي ٻاجهہ جو بيان ڪندا ڇا؟ يا جهنم ۾ تنهنجي وفاداريءَ جو ذڪر ٿيندو ڇا؟ 12 اوندهہ ۾ تنهنجا عجيب ڪم پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر جي ملڪ ۾ تنهنجي راستبازي ياد رهندي ڇا؟ 13 پر اي خداوند مون تو وٽ پڪاريو آهي، ۽ صبح جو منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچندي. 14 اي خداوند تون ڇو منهنجي جان کي ڇڏي ٿو ڏين؟ ۽ مون کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟ 15 آءٌ ننڍپڻ کان ئي ڏکي ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. تنهنجي ڊپ جي ڪري حيران پريشان آهيان. 16 تنهنجي سخت ڪاوڙ مون تي آئي آهي: تنهنجي خوف مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي. 17 اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ وانگي اچيو گهيرين؛ ۽ اهي گڏجي مون کي ورائي ويا آهن. 18 تو منهنجي دوستن کي ۽ عزيزن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجي واقفڪارن کي اوندهہ ۾ رکيو اٿيئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society