زبور 86 - Sindhi Bible1 اي خداوند ڪن لائي مون کي جواب ڏي؛ ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان. 2 منهنجيءَ جان کي سنڀال، ڇو جو آءٌ ديندار آهيان: اي منهنجا خدا پنهنجي بندي کي بچاءِ جنهن جو ڀروسو توتي ئي آهي. 3 اي خداوند مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ سڄو ڏينهن توکي پيو پڪاريان. 4 اي خداوند پنهنجي بندي جي جان کي خوش ڪر؛ ڇو جو اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي تو ڏانهن رجوع ٿو ڪريان. 5 ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين. 6 اي خداوند، منهنجي دعا ڏانهن ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي عرض جو آواز ٻڌ. 7 آءٌ پنهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن توکي پڪاريندس؛ ڇو تہ تون منهنجي اونائيندين. 8 اي خداوند، معبودن ۾ ٻيو تو جهڙو ڪونهي؛ نڪي تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن. 9 اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون. 10 ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين. 11 اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان. 12 اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان تنهنجي تعريف ڪندس؛ ۽ هميشہ تائين تنهنجي نالي جي تمجيد ڪندو رهندس. 13 ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي. 14 اي خدا مغرور منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ ظالمن جي جماعت منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهي، ۽ توکي پنهنجي سامهون نہ رکيو اٿن. 15 پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين. 16 مون ڏانهن ڦري نگاهہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ پنهنجي بندي کي پنهنجي طاقت ڏي، ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ جي پٽ کي بچاءِ. 17 اي خداوند مون کي ڀلائيءَ جو ڪو نشان ڏيکار؛ تہ جن کي مون سان نفرت ۽ عداوت آهي سي اهو ڏسي شرمندا ٿين، ڇو جو تو منهنجي مدد ڪئي آهي، ۽ مون کي دلاسو ڏنو اٿيئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society