زبور 85 - Sindhi Bible1 اي خداوند تون پنهنجي ملڪ تي مهربان ٿيو آهين؛ ۽ يعقوب جي قيدين کي موٽائي آندو اٿيئي. 2 تو پنهنجيءَ اُمت جي خطا معاف ڪئي آهي، ۽ انهن جا سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏيا اٿيئي. 3 تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي. 4 اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ. 5 تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟ 6 تون وري اسان کي جيئرو نہ ڪندين ڇا: تہ تنهنجي اُمت تو ۾ خوشي ڪري؟ 7 اي خداوند پنهنجو رحم اسان کي ڏيکار، ۽ پنهنجي نجات اسان کي بخش. 8 جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن. 9 يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي. 10 رحم ۽ سچ ٻئي اچي گڏ ٿيا آهن؛ راستيءَ ۽ سلامتيءَ هڪ ٻئي کي چُميو آهي. 11 سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري. 12 هائو، خداوند ضرور چڱيون شيون ڏيندو؛ ۽ اسان جي زمين پيداوار ڏيندي. 13 راستبازي هن جي اڳيان اڳيان هلندي؛ ۽ سندس پير جي نشانن کي اسان لاءِ واٽ بنائيندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society