زبور 84 - Sindhi Bible1 اي لشڪرن جا خداوند، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ دل پسند آهن! 2 منهنجي جان خداوند جي درگاهہ لاءِ ڏاڍي پيئي سڪي، هائو، هن لاءِ بيحال آهي؛ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي زندہ خدا کي پيا پڪارين. 3 اي لشڪرن جا خداوند، اي منهنجا بادشاهہ، ۽ منهنجا خدا، تنهنجي ئي گهر ۾ يعني قربانگاهہ وٽ جهرڪيءَ پنهنجو گهر، ۽ ابابيل پنهنجو آکيرو جوڙيو آهي، جتي پنهنجا ٻچا رکي. 4 مبارڪ آهن اهي جيڪي تنهنجي گهر ۾ ٿا رهن: اهي سدائين تنهنجي تعريف ڪندا رهندا. 5 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي توکان طاقت ٿي ملي؛ ۽ جنهن جي دل ۾ صيون جا شاهي رستا آهن. 6 اُهي ماتم جي واديءَ مان لنگهندي انهيءَ کي چشمن جي جاءِ ٿا بنائين؛ بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀريو ڇڏي. 7 اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي. 8 اي خداوند لشڪرن جا خدا منهنجي دعا ٻڌ: اي يعقوب جا خدا، تون ڪن ڏي. 9 اي خدا، اي اسان جي ڍال، تون نظر ڪر، ۽ پنهنجي مسح ڪيل جي منهن ڏانهن نهار. 10 ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي. 11 ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو. 12 اي لشڪرن جا خداوند، جنهن ماڻهوءَ جو ڀروسو توتي آهي سو مبارڪ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society