Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 83 - Sindhi Bible

1 اي خدا تون ماٺ نہ ڪر: اي خدا تون بس ڪري نہ ويهہ، ۽ چپ نہ ٿيءُ.

2 ڇالاءِ جو ڏس، تنهنجا دشمن هل ٿا مچائين: ۽ جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن تن ڪنڌ مٿي کنيو آهي.

3 اهي تُنهنجي اُمت جي برخلاف چالاڪيءَ جون صلاحون ٿا ڪن، ۽ جن تُنهنجي پناهہ ورتي آهي، تن جي برخلاف منصوبا ٿا رٿين.

4 انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.

5 ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:

6 يعني ادوم جي رهندڙن ۽ اسماعيلين؛ موآب ۽ هاجري.

7 جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:

8 اسور بہ اچي ساڻن گڏيو آهي انهن بني لوط جي مدد ڪئي آهي.

9 تون انهن سان بہ مديان وانگر ڪر؛ ۽ جيئن قيسون جي نهر وٽ سيسرا ۽ يابين سان ڪيو هوءِ:

10 جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.

11 انهن جي اميرن کي عوريب ۽ زئيب جهڙو ڪر؛ بلڪ انهن جي شهزادن کي ۽ سندن سڀني سردارن کي زيباہ ۽ ضلمنع جهڙو ڪر.

12 جن چيو اچو تہ خدا جون بستيون پنهنجي قبضي ۾ آڻيون.

13 اي منهنجا خدا انهن کي واچوڙي جي مٽيءَ جهڙو ڪر؛ جيئن واءُ بهہ کي اُڏائي ٿو ڇڏي تيئن انهن کي اُڏاءِ.

14 جيئن باهہ ٻيلي کي ساڙيو ڇڏي، ۽ جيئن شعلي جي ڪري جبلن کي باهہ ٿي لڳي؛

15 تيئن پنهنجي واچوڙي سان انهن جي پٺيان پئُہ، ۽ پنهنجي طوفان سان کين هيبت ۾ وجهہ.

16 اي خداوند انهن کي شرمندو ڪر؛ تہ اُهي تنهنجي نالي جا طالب ٿين.

17 ڀلي تہ اهي هميشہ لاءِ شرمندا ۽ پريشان ٿين: ۽ بدنام ٿي تباهہ ٿي وڃن:

18 تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan