زبور 81 - Sindhi Bible1 خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو. 2 زبور ڳايو ۽ دف آڻيو، خوش آواز بربط ۽ ساز وڄايو. 3 چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو. 4 ڇالاءِ جو اهو اسرائيل جي لاءِ قانون آهي، ۽ يعقوب جي خدا جو حڪم آهي. 5 جڏهن هو مصر جي ملڪ تي چڙهي ويو؛ تڏهن هن اهو يوسف ۾ شاهديءَ جي لاءِ مقرر ڪيو: اُتي مون هڪڙي ٻولي ٻڌي جا آءٌ نہ ڄاڻندو هوس. 6 مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا. 7 تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم. 8 اي منهنجي اُمت ٻڌ، اي اسرائيل جيڪڏهن تون منهنجي ٻڌندين، تہ آءٌ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، 9 تہ تو وٽ ڪو ٻيو معبود نہ هجي؛ نڪي تون ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪج. 10 آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس. 11 پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو. 12 سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن. 13 شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي! 14 تہ آءٌ سندن دشمنن کي سگهو ئي مغلوب ڪريان، ۽ سندن ويرين جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريان. 15 تہ جيڪي خداوند سان دشمني ٿا رکن، سي اچي سندس پيش پون: ۽ انهن جو زمانو هميشہ تائين هلي. 16 هو جيڪر کين چڱي ۾ چڱي ڪڻڪ کارائي: آءٌ هوند توکي ٽڪر جي ماکيءَ مان ڍءُ ڪرايان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society