Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 79 - Sindhi Bible

1 اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن.

2 انهن تنهنجي ٻانهن جا لاشا آسمان جي پکين کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن، ۽ تنهنجي مقدسن جو ماس زمين جي مرن کي ڏنو اٿن.

3 انهن جو رت پاڻيءَ وانگي يروشلم جي چوڌاري وهايو اٿن؛ ۽ انهن کي دفن ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.

4 اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.

5 اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟

6 جن قومن توکي نہ سڃاتو، ۽ جن بادشاهن تنهنجو نالو نہ ورتو، تن تي پنهنجي ڪاوڙ لاهي وجهہ.

7 ڇالاءِ جو اهي يعقوب کي کائي ويا آهن، ۽ انهي جي رهڻ جي هنڌ کي ويران ڪيو اٿن.

8 اسان جي ابن ڏاڏن جون خطائون اسان جي برخلاف ياد نہ ڪر: تنهنجو رحم جلد اسان تائين پهچي: ڇو جو ڏاڍا لاچار ٿي دٻجي ويا آهيون.

9 اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي.

10 ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.

11 ڀلي تہ قيدين جون آهون تنهنجي حضور ۾ پهچن؛ ۽ جن تي موت جو حڪم ٿيو آهي تن کي پنهنجيءَ عظيم قدرت سان بچائي وٺ؛

12 اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.

13 تڏهن اسين جي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي هميشہ تائين تنهنجي شڪر گذاري ڪنداسين، ۽ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ تنهنجي تعريف ڪنداسين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan