زبور 78 - Sindhi Bible1 اي منهنجي قوم منهنجي شريعت ٻڌ: ۽ منهنجي وات جي ڪلام تي ڪن ڏي. 2 آءٌ مثلن ۾ ڪلام ڪندس؛ ۽ قديم زماني جون ڳجهارتون ٻڌائيندس. 3 اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ انهي جي خبر اٿئون، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي اُهي ٻڌايون. 4 اُهي اسين انهن جي اولاد کان ڪين لڪائينداسين، بلڪ ايندڙ پيڙهيءَ کي بہ خداوند جي تعريف ۽ سندس قدرت، ۽ جيڪي عجيب ڪم هن ڪيا آهن سي ٻڌائينداسين. 5 ڇالاءِ جو هن يعقوب ۾ هڪڙي شاهدي قائم ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۾ شريعت مقرر ڪئي اٿس، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايائين تہ اوهين پنهنجي اولاد کي اهي ڳالهيون سيکارجو. 6 تہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار ڄمن تن کي انهيءَ جي خبر پوي، ۽ اهي وري پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين. 7 انهي لاءِ تہ اهي خدا ۾ پنهنجي اُميد رکن، ۽ خدا جي ڪمن کي نہ وسارين، ۽ سندس حڪم کي مڃين: 8 ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو. 9 بني افرائيم هٿيار ٻڌا ۽ ڪمانون کنيون، پر جنگ جي ڏينهن پٺ ڏيئي ڀڳا. 10 انهن خدا جي عهد کي قائم نہ رکيو، ۽ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون: 11 ۽ اُهي ڪم ۽ معجزا جي هن انهن کي ڏيکاريا هئا، سي وساري ڇڏيائون. 12 هن مصر جي ملڪ ۾ ضعن جي علائقي ۾ سندن ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب ڪم ڪيا. 13 هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين. 14 ۽ ڏينهن جي وقت ڪڪر سان، ۽ رات جو باهہ جي سوجهري سان، انهن جي رهبري ڪيائين. 15 هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيريو، ۽ انهن کي ڄڻ تہ پاتال مان پاڻي پياريائين. 16 هن ٽڪرين مان نهرون ڪڍي نديءَ وانگي پاڻي وهايو. 17 تڏهن بہ اهي هن جي خلاف گناهہ ڪندا رهيا، ۽ بيابان ۾ خدا تعاليٰ جي برخلاف فساد ڪندا رهيا. 18 انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون. 19 خدا جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ خدا بيابان ۾ دسترخانو تيار ڪري ٿو سگهي ڇا؟ 20 ڏسو هن ٽڪر کي ڌڪ هنيو، ۽ پاڻي نڪري آيو، ۽ نهرون وهڻ لڳيون؛ هو ماني بہ ڏيئي سگهندو ڇا؟ هو پنهنجيءَ اُمت لاءِ گوشت موجود ڪري سگهندو ڇا؟ 21 تنهن ڪري خداوند اهو ٻڌي ڪاوڙيو: ۽ يعقوب جي برخلاف باهہ ٻري، ۽ اسرائيل جي برخلاف کيس غصو آيو؛ 22 ڇالاءِ جو انهن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ هن جي نجات تي ڀروسو نہ رکيائون. 23 تڏهن بہ هن مٿان ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا در کوليائين؛ 24 ۽ انهن جي لاءِ من وسايائين، ۽ کين آسمان جي خوراڪ ڏنائين. 25 ماڻهن فرشتن جي ماني کاڌي: هن کاڌو موڪلي کين ڍءُ ڪرايو. 26 هن آسمان ۾ اُڀرندي جو واءُ موڪليو: ۽ پنهنجي قدرت سان ڏکڻ کان هوا لڳايائين. 27 هن اُنهن تي مٽيءَ وانگي گوشت وسايو، ۽ سمنڊ جي واريءَ وانگر پکي ڪيرايائين: 28 هن اهي انهن منزل گاهن ۾ سندن تنبن جي آس پاس ڪيرايا. 29 سو انهن کائي چڱو ڍءُ ڪيو؛ ۽ هن کين سندن سَڌ موجب ڏنو. 30 پر اڃا انهن جي سَڌ پوري ڪانہ ٿي، ۽ سندن کاڌو سندن وات ۾ ئي هو. 31 تہ خدا کي انهن تي غصو آيو، ۽ سندن ٿلهن متارن ماڻهن مان گهڻن کي قتل ڪيائين، ۽ اسرائيل جي جوانن کي ماري ڇڏيائين. 32 تنهن هوندي بہ وري انهن گناهہ ڪيو، ۽ هن جي عجيب ڪمن تي ايمان نہ آندائون. 33 تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين. 34 جڏهن هن کين قتل ڪيو، تڏهن هو کيس ڳولڻ لڳا: ۽ خدا ڏانهن ڦري جلدي جلدي سندس طالب ٿيا. 35 ۽ ياد ڪيائون تہ خدا اسان جو ٽڪر آهي، ۽ خدا تعاليٰ اسان جو ڇڏائيندڙ آهي. 36 پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون. 37 ڇو جو انهن جي دل هن سان برابر نہ هئي، نڪي اهي سندس عهد تي وفادار رهيا. 38 پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين. 39 هن ياد ڪيو تہ هي رڳو انسان آهن؛ انهيءَ هوا جهڙا آهن جا هليو وڃي ۽ وري نٿي اچي. 40 انهن ڪيترائي ڀيرا بيابان ۾ هن جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ رڻ پٽ ۾ کيس رنجيدو ڪيو! 41 پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون. 42 انهن هن جي هٿ کي ياد نہ رکيو، نڪي انهيءَ ڏينهن کي جڏهن هن کين دشمن کان ڇڏايو. 43 تہ ڪيئن هن مصر ۾ پنهنجا نشان ڏيکاريا، ۽ ضعن جي علائقي ۾ عجيب ڪم ڪيائين؛ 44 ۽ ڪيئن هن انهن جي ندين جو پاڻي ڦيرائي رت ڪري ڇڏيو، ۽ اهي پنهنجن چشمن جو پاڻي بہ پي ڪين سگهيا. 45 ڪيئن هن انهن منجهہ مکين جا ميڙ موڪليا، جي کين کائي ويون؛ ۽ ڏيڏر موڪيائين، جن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو. 46 هن انهن جي زمين جي پيدائش سوٻٽن کي ڏني، ۽ سندن محنت جو ڦل مڪڙن کي ڏيئي ڇڏيائين. 47 هن انهن جي ڊاک جي منهہ کي ڳڙا وسائي برباد ڪيو، ۽ سندن انجيرن جي وڻن تي پارو وجهي چٽ ڪيائين. 48 هن انهن جي ڍورن تي ڳڙا وسايا، ۽ سندن ڌڻن تي وڄ ڪيرايائين. 49 هن انهن تي مصيبت جا ملائڪ موڪليا، ۽ پنهنجي سخت غصي، ۽ ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري کين تڪليف ۾ وڌائين. 50 هن پنهنجي غصي کي نہ روڪيو؛ نڪي سندن جان کي موت کان بچايائين، پر سندن حياتي طاعون جي حوالي ڪيائين؛ 51 ۽ مصر جي پهريتن کي ماريائين، يعني جيڪي حام جي تنبن ۾ سندن طاقت جو پهريون ڦل هئا. 52 هو پنهنجي اُمت کي رڍن وانگي وٺي هليو، ۽ بيابان ۾ ڌڻ وانگيان سندن رهبري ڪيائين. 53 هن انهن کي صحيح سلامت هلايو، ۽ ڪو ڊپ ڪونہ ٿين: پر سندن دشمن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا. 54 هن انهن کي پنهنجي پاڪ مڪان جي حد تائين پهچايو، يعني انهيءَ جبل تائين جو پنهنجي ساڄي هٿ سان خريد ڪيو هئائين. 55 هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين. 56 تڏهن بہ انهن خدا تعاليٰ کي آزمايو ۽ هن جي برخلاف فساد ڪيائون، ۽ هن جي شاهدين کي نہ مڃيائون. 57 پر ڦري پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي بيوفا ٿيا: ۽ دغاباز ڪوڙيءَ ڪمان وانگيان هڪڙي پاسي هٽي ويا. 58 انهن پنهنجين مٿانهين جاين جي ڪري کيس غصو ڏياريو، ۽ پنهنجين اُڪريلن مورتن جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون. 59 خدا اهو ٻڌي ڪاوڙيو، ۽ اسرائيل تي ڏاڍي نفرت آيس: 60 سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛ 61 هن پنهنجيءَ طاقت کي قيد ۾، ۽ پنهنجي جلال کي دشمن جي هٿ ۾ ڏنو. 62 هن پنهنجيءَ اُمت کي ترار جي حوالي ڪيو؛ ۽ پنهنجيءَ ميراث تي ڏاڍو ڪاوڙيو. 63 انهن جي جوانن کي باهہ کائي ويئي؛ ۽ سندن ڪنوارين لاءِ شاديءَ جا گيت ڪونہ ڳايا ويا. 64 انهن جا ڪاهن ترار سان مارجي ويا؛ ۽ سندن بيوہ زالن ماتم نہ ڪيو. 65 تڏهن خدا ڄڻ تہ ننڊ مان جاڳيو، جيئن ڄڻ تہ ڪو پهلوان شراب پي ڏاڍيان پڪاري. 66 هن پنهنجي دشمن کي ماري هٽايو: ۽ کين هميشہ لاءِ خراب خوار ڪيائين. 67 هن يوسف جو تنبو رد ڪيو، ۽ افرائيم جي قبيلي کي ڪين چونڊيائين؛ 68 پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين. 69 هن پنهنجي پاڪ مڪان کي گهڻو بلند ڪري ٺاهيو، ۽ زمين وانگي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيائين. 70 هن پنهنجي ٻانهي دائود کي رڍن جي واڙي مان چونڊي ڪڍيو: 71 هن کي ڦر وارين رڍن چارڻ کان آندائين، تہ سندس اُمت يعقوب، ۽ سندس ميراث اسرائيل جي نگهباني ڪري. 72 سو هن پنهنجي دل جي سچائيءَ موجب انهن جي نگهباني ڪئي؛ ۽ پنهنجي هٿ جي هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society